جامشورو : جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ ماڻهن جا هجوم هجڻ باوجود ايمبولينس ۽ جن گاڏين ۾ عورتون ويٺل هيون انهن کي روانو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تمام گهڻي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ ايمبولينس کي ڌرڻي واري جاءِ تان پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪرڻ جي لاءِ حر جماعت جا رضاڪار ڪوششون ڪري ايمبولينس کي روانو ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي اهڙي عمل کي ماڻهن ساراهائيندي چيو ويو ته انساني همدردي جو مثال قائم ڪرڻ سان گڏ سماجي قدرن جو خيال رکڻ تي ڌرڻي جا انتظام سنڀاليندڙ جس لهڻن، ٻين سياسي جماعتن کي پڻ پنهنجن احتجاجن دوران اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان ڪنهن تڪليف مان گذرندڙ ماڻهو وڌيڪ تڪليف کي منهن نه ڏين.