ڪراچي ۾ جي يو آءِ جو احتجاج، سنڌ اسيمبلي جي گهيراءُ جو چتاءُ

ڪراچي (رپورٽر ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ ڪنهن به ميمبر کي قسم  کڻڻ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ جي يو آءِ پاران اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو ته گهوٽڪي جا ڪارڪن ڪشمور ۽ سکر ۾ سنڌ-پنجاب بارڊر بند ڪندا، سنڌ مان ڪا به گاڏي پنجاب ۽ پنجاب مان ڪا به گاڏي سنڌ ۾ داخل نه ٿي سگهندي.پير پاڳاري جي احتجاج ۾ به شرڪت ڪنداسين. راشد محمود سومرو چيو ته تڪ بندين تي مخالف ڌر جي سمورين پارٽين اعتراض اٿاريا پر اليڪشن ڪميشن اعتراضن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو، 2008 کان اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو پيو وڃي،اسان کي 2024 ۾ اسرائيل جي خلاف بيهڻ جي سزا ڏني وئي آهي، اسان کي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ امن لاءِ سزا ڏني وئي آهي، جيڪڏهن امن لاءِ بيهڻ ڏوهه آهي ته اسان ڏوهاري آهيون. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته اسان جي اميدوارن جا سمورا حلقا کوليا وڃن ۽ آڱوٺن جا نشان چيڪ ڪيا وڃن، جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو ان ڏينهن اسيمبلي جو گهيرو ڪنداسين، ڪنهن کي به قسم کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسان کي امن سان جيئڻ ڏيو، اسان جمهوري طريقي سان حق گهرون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.