جماعت اسلامي  پاران چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين خلاف درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي  چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي  آهي.وڪيل عٽمان فاروق چيو ته توهين عدالت جي درخواست صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن ذريعي داخل ڪئي آهي. درخواست داخل ڪندڙن ۾ جنيد مڪاتي، وجيهه الحسن، نصرت الله، محمد احمد ۽ محمد اڪبر شامل آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان راجا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت اميدوارن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.چيف اليڪشن ڪمشنر اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڏنو جيڪو توهين عدالت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.