سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن عدالتي حڪمن جي توھين ڪئي آھي: درخواستگذار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين لاءِ ورتل امتحان ۾ مبينا طور ميرٽ جي لتاڙ ۽ نوڪريون وڪرو ڪرڻ خلاف 14  اميدوارن پاران داخل ڪرايل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي، شنوائي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا پاران عدالت ۾ جواب داخل ڪرايو ويو، دليلن بعد عدالت ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ وليد خان، غلام مرتضيٰ، دانيال، نعمان خان ۽ ريحان احمد سميت 16 درخواستگذارن پٽيشن داخل ڪرائي ھئي، پٽيشن ۾ ھنن موقف اختيار ڪيو ويو ھو ته ميونسپل آفيسرن جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن، ميونسپل آفيسرن جي نتيجن ۾ جيڪو وھنوار ھلايو ويو آھي اھو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اڳ ۾ ٿيل فيصلن جي ابتڙ آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن عدالتي حڪمن جي توھين ڪئي آھي، انڪري ميونسپل آفيسرن جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي سمورو پروسيس ٻيھر ڪرايو وڃي، نيب ۽ ٻين ادارن کي حڪم ڏنو وڃي ته اھي ان سڄي معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪن ۽ ملوث ماڻھن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿئي، ڀرٿين واري عمل ۾ وڏي پيماني تي بدعنواني ٿي آھي.

  • ڪراچي: ٻارڙي جي قتل جي جاچ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي.  جاچ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جي سربراهي ڊي ايس پي عزيز آباد ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ايس ايڇ او يوسف پلازه، ايس ايڇ او گلبرگ کي شامل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ايس ايڇ او ناظم آباد، ايس آءِ يوسف پلازه ۽ انسپيڪٽر شفقت ميو به ڪميٽي ۾ شامل آهن. ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اختيارين کي جاچ بابت آگاهه ڪندي. ٻئي پاسي فوت ٿيل محمد ابان جي جنازي نماز فيڊرل بي ايريا جي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياستدانن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

  • ڀڃ ڊاهه ڪيس:عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور (م ڊ)  لاهور جي دهشتگرد ٽوڙ  جي عدالت 9 مئي ڀڃ  ڊاهه جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي جج ارشد  جاويد پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم جو جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو، جونيئر وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته پي ٽي آءِ باني  جو وڪيل اسلام آباد ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ مصروف آهي، ليگل ٽيم کي دليل ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.