راولپنڊي(م ڊ)مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين اڊيالا جيل ۾ پنهنجي ڪزن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ چوڌري سالڪ حسين، چوڌري شفيع ۽ چوڌري وجاهت شامل هئا.ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي وچ ۾ اڊيالا جيل ۾ ملاقات 2 ڪلاڪ 40 منٽن تائين جاري رهي، ملاقات ۾ پرويز الاهي جي صحت، جيل ۾ سهولتن ۽ سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ گهريلو معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هوڏانهن پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته جيستائين چورايل سيٽون واپس نٿيون ٿين تيستائين ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن،