اسلام آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا لاءِ نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڊيرا اسماعيل خان کي خيبرپختونخوا جي نامزد وڏي وزير جي گرفتاري لاءِ خط جاري ڪيو ويو. خط ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور کي 28 فيبروري تائين گرفتار ڪري اليڪشم ڪميشن آزاد ڪشمير ۾ پيش ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف درخواست وڪيل راجا ذوالقرنين 2021ع جي اليڪشن دوران داخل ڪئي هئي.
-
بلاول ڀٽو سان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ملاقات، برينفگ
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان رابطا ڪميٽي جي ميمبرن زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ڪميٽي ميمبرن بلاول ڀٽو کي سياسي پارٽين وچ ۾ لاڳاپن بابت بريفنگ ڏني. قمر زمان ڪائره، سيد مراد علي شاهه، نواب ثناءُ الله زهري، شجاع خان، سعيد غني، نديم افضل چن ۽ بهادر خان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.