اعتماد ۽ اميد ختم ٿي چڪي،چونڊ نتيجن تي سڄو ملڪ سوال اٿاري رهيو آهي:صدر علوي

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن جي  نتيجن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اڄ سڄو ملڪ چونڊن نتيجن تي سوال اٿاري رهيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت  اليڪٽرانڪ ووٽنگ  مشين جو آئيڊيا کڻي آهي  پر ان کي رد ڪيو ويو، جيڪڏهن  اي وي ايم هجي ها ته اڄ هي مسئلا نه ٿين ها، ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي چيوته هر پاڪستاني کي هر مسئلي جو حل معلوم آهي، پر ليڊر شپ جي کوٽ آهي، هن چيوته هي سائنس جو دور آهي ۽ نوجوان آئيڊيا جا ڪارخانا آهن، منهنجي حساب سان اعتماد ۽ اميد  ختم ٿي چڪي، پراڻيون  ڳالهيون ڇڏيو اڳتي وڌو، جڏهن قومون ڀٽڪنديون آهن ته ليڊرشپ کي اڳيان اچي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، عارف علوي چيو ته پاڪستان تي اشرا فيه جو قبضو آهي، اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.