آمريڪا ڌانڌلي تي آواز اٿاري: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي  آواز اٿاري.عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي باني پيغام ڏنو آهي ته آمريڪا وٽ پنهنجون غلطيون درست ڪرڻ جو موقعو آهي. عمران خان چيو ته ڪاسميٽڪ بيان نه هلندا، آمريڪا چونڊن تي ڀرپور نموني آواز نه اٿاريو.ان کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي پيپلزپارٽي سان ڪي به ڳالهيون نه ٿيون آهن، نه ئي ڳالهيون ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.