اسلام آباد(م ڊ) امڪاني حڪومت به مهانگائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چونڊ نتيجن تي خدشا ڏيکاريندي پ پ تي به شڪ ڏيکاري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پيٽرول، بجلي ۽ گئس مهانگي ٿيندي. هن چيو ته ڪجهه شهرن ۾ بجلي 87 سيڪڙو چوري ٿي رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته بجلي، گئس چوري بند ٿئي، سڀ ڪجهه سستو ٿي ويندو. خواجا آصف چيو ته سمورن صوبن ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون آيون آهن. هن چيو ته پ پ جو ڪابينا ۾ نه ويهڻ خطرناڪ هوندو. پيپلز پارٽي ڪنهن وقت به حڪومت جي پيرن مان غلم ڇڪي سگهي ٿي . هن چيو ته فضل الرحمان محترم آهي، هن لفظن ۾ اسان لاءِ گنجائش رکي آهي. هن چيو ته ڌانڌلين خلاف جدوجهد ۾ سندس ساٿ نه ڏينداسين.