اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن پاڪستان پيپلزپارٽي کي هڪ دفعو ٻيهر شهباز شريف جي قيادت ۾ ٺهندڙ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست ڪري ڇڏي، مسلم ليگ ن اتحادين کي وفاقي حڪومت ۾وزارتون ڏيڻ جي حوالي سان ڪاميٽي جوڙيندي، ڪاميٽي اتحادين پارٽين سان گڏجي ن ليگ جي قيادت کي آگاهه ڪندي، ذريعن دعوي ڪئي ته مسلم ليگ ن جميعت علماءِ اسلام فضل الرحمان کي به حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪندي، جڏهن ته هوءِ اهم وزارتون پاڻ وٽ رکندي.