ميهڙ جي مٽي ۽ ولي ناريجي جو جنم

تحرير: غوث پيرزادو

ايم آرڊي تحريڪ سنڌ جي  آخري اهڙي تحريڪ آهي،  جنهن هڪ انقلابي نسل کي جنم ڏنو. هن تحريڪ ۾ سموري سنڌ آمريت خلاف پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. جتي سموري سنڌ پنهنجا ڪوپا ڪنڌ اڏين تي رکي اناالحق جا نعرو بلند ڪندي آڪاش کي نعرن جي پڙاڏن سان ڇيهون ڇيهون  ڪري رهي هئي ته ان وقت هر ماڻهو سنڌ جي فضائن مان رت جي خوشبو کي جيئن جو تيئن حواسن ۾ پيوست ٿيندي محسوس ڪري رهيو هو. اهڙي دور ۾ ميهڙ جي آسپاس راڌڻ کان ٿورو پرتي سيدي موساڻي جي پٽن تي هڪ انقلابي جو جنم ٿي رهيو هو جنهن کي سنڌ اڄ ولي ناريجي جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ولي ناريجو پيشي جي لحاظ کان هڪ صحافي آهي جيڪو روزاني عوامي آواز ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڪراچي جي گلشن حديد جي علائقي م سندس سڃاڻپ هڪ مانائتي ۽ معتبر سماجي شخصيت طور ٿي رهي آهي پر مون وٽ پوءِ به ولي ناريجي جي سڃاڻپ هڪ الڳ ٿلڳ انقلابي شخص جي آهي. هڪ اهڙي انقلابي جي حيثيت سان آئون کيس سڃاڻان ٿو جنهن سان پهرين ملاقات ۾ ئي محسوس ٿيندو آهي ته انقلاب سندس وجود ۾ رت جيان رچيل بسيل آهي. توڙي جي مونکي سن ياد نه آهن پر وليءَ جهڙين شخصيتن تي ائين به روانيءَ سان ڳالهائي سگهبو آهي ڇو ته کين سالن يا تاريخن ۾ جي قيد ۾ بند نه ٿو ڪري سگهجي. ڏٺو وڃي ته ولي ناريجي جو شعوري جنم ميهڙ جي جي ڌرتي تي ٿئي ٿو جنهن ميهڙ جون جمهوريت جي لاءِ تمام وڏيون قربانيون آهن. اتي جيڪڏهن ولي ناريجي جهڙن شخصن جو سياسي جنم ٿئي ٿو ته  اهو هڪ فطري جنم به آهي  ۽ يقينن ولي ناريجي جو سياسي جنم هڪ اهڙي خطي تي ٿي ٿئي ٿو جيڪو خطو پنهنجي سياسي تاريخ رت سان لکي چڪو آهي. انڪري ئي سندس مان جڏهن جڏهن به ملندو آهيان منهنجي وجود ۾ اتساهه جو هڪ وڻ ڦٽي پوندو آهي، ولي ناريجي جون ڳالهيون مون ۾ اتساهه جو هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏينديون آهن. هي هڪ سچي انقلابي جيان کرو آهي ۽ سچ کان سواءِ هن کي ٻي ڪابه ٻولي نه ايندي آهي انڪري هو چٻي چٿي ڳالهائڻ بدران ڪڙڪي سان ڳالهائيندو آهي. هو منافقت جو ويري آهي ۽ هو ڪوڙ جي وکر کي وڪامندي ڏسي ٽچڪي پوندو آهي. انڪري ولي ناريجو هن سماج ۾ فٽ نه ٿو ٿئي ۽ مارڪيٽ جو وکر نه بڻجي سگهيو آهي.

مونکي ولي ناريجي جي روپ ۾ هڪ اهڙو دانشور مليو آهي جنهنجي سموري سياسي پرورش پيپلز پارٽيءَ ۾ ٿي آهي ۽ پيپلز پارٽي بابت عام تاثر اهو هوندو آهي ته اتي نظرياتي ڪارڪنن بدران اهڙن ماڻهن جي فوج ڀرتي ٿيل آهي جن جي بيهڪ رڳو جيئي ڀٽو جي نعري تي بيٺل آهي. پر ان ساڳي پارٽيءَ جو ڪيڙيل ولي ناريجو تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلڇڻو دانشور آهي. هن جو سياسي توڙي ادبي طور تي تمام گهڻو مطالعو ٿيل آهي، هن جون ڳالهيون هوائي توائي هجڻ بدران حوالن ڀرپور هونديون آهن هو پنهنجي هر ڳالهه جي وضاحت لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ادبي ڪتاب جو حوالو ضرور ڏيندوآهي. هن پنهنجو ذاتي  مطالعو ڪنهن کي ڏيکارڻ  بدران پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪيو آهي ۽ کيس ڏسي لڳندو آهي ته جيڪڏهن وجود کي ڪا بقا آهي ته اها علم جي آڌار تي آهي نه ته لطيف جي چواڻي مطابق ته ” ٻيا هوئين جاڙ جيئن ٺلها ٺاٺا سکڻا“ .

ولي نايجو پنهنجي ذات ۾ هڪ برجستو شخص آهي هن جي سموري شخصيت اهو باور ڪرائيندي آهي ته ولي ناريجي جهڙا شخص سماج جي ڳچي ۾ سوني زيور جيان هوندا آهن.  هن کي ڏسي لڳندو آهي ته اسان پنهنجي هيروز جو قدرنه ڪندڙ قوم آهيون. اسان جي سياسي، سماجي توڙي ادبي ادارن کي ولي ناريجي جهڙن شخصن مان فائدو وٺڻ گهرجي پر اسان ويتر ههڙين شخصيتن کي نظرانداز ڪري بي حسيءَ جو مظاهرو ڪندا آهيون. اسان جون سياسين سماجي توڙي ادبي تنظيمون ههڙين شخصيتن جي علم ۽ ادراڪ کي استعمال ڪندي سماجي اندر ڪا لاٽ ٻاري سگهن ٿيون پر هن صديءَ ۾ اهو ٿيڻ ممڪن ناهي.

ولي ناريجو ڪيترائي سال پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن ٿي رهيو آهي پر پارٽي هن مان اڄ تائين ڪوبه فائدو حاصل نه ڪري سگهي آهي. توڙي جو هاڻي هو پ پ سان گڏ ناهي ۽ پنهنجي سياسي لائين قومپرستي واري رکي ٿو پر ان جي باوجود هن جي ڳالهين ۾ روشن خيالي بکندي نظر ايندي آهي، هو پنهنجي راءِ ۾ تنگ نظر ناهي پر هن جو سوچن جو تناظر وسيع هجي ٿو. ولي ناريجو اڄ تائين ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهي جيڪي مختلف اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپجا رهيا آهن.  ولي ناريجو کي توڙي جو مان ٽيهن سالن کان سڃاڻان ۽ منهنجي ساڻس ويجهڙائپ به رهي آهي پر هاڻي جڏهن ڪجهه عرصي کان هو سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد  فيز ون ۾ سرگرم ٿيو آهي تڏهن کان کيس وڌيڪ ويجهڙو ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. هن جا سنڌي ادبي سنگت ۾ پيش ٿيندڙ ادبي تخليقن تي رايا تمام شاندار هوندا آهن هن جي ڳالهين مان اسين تمام گهڻو سکندا آهيون. ولي ناريجو هاڻي سنگت جي ادبي ڪلاسن جي هڪ اهم ضرورت بڻجي ويو آهي، هن اچڻ سان ٻين ڪارڪنن جي اندر به اتساهه وڌيو آهي ۽ هو ادبي ڪلاسن ۾ باقائدگي سان اچڻ شروع ٿيا آهن.

ولي ناريجي کي پنهنجي شخصيت، پنهنجي مطالعي، پنهنجي علم ۽ پنهنجي ڏاهپ بابت ڪوبه ڪممپليڪس ناهي هو ذاتي ڪچهرين ۾ بيساختگي پنهنجو ڳالهيون نه رڳو سادي انداز سان رکندو آهي پر سندس بي ساخته ٽهڪ دوستن جي محفلن ۾ جان وجهي ڇڏيندا آهن،

آئون کيس چوندو آهيان ته هاڻي تون پنهنجي مضمونن کي ڪتابي شڪل ڏئي ته جيئن تنهنجي علم مان ٻيا ماڻهو به فائدو حاصل ڪري سگهن. ولي ناريجو پنهنجي عمر ۾ توڙي جو اڃان نوجوان آهي پر سندس ڳالهين جي ڏاهپ صدين جو بڻائي کيس اسان اڳيان پيش ڪندي آهي مونکي ولي ناريجي جي وجود ۾ اهو اوريجنل سنڌي ماڻهو جيئن جو تيئن نظر ايندو آهي جنهن ۾ محبتن جي مڻيا ۽ سيلانين جي صدين جي سفر جو پنڌ نظر ايندو آهي. ولي ناريجي جون اکيون ٻڌائينديون آهن ته هو هڪ معصوم ۽ حساس شخص آهي. ولي ناريجي کي ڏسي لڳندو آهي ته ههڙا ماڻهو ئي هوندو آهي جن کي ڏسندي سندن وجود جو چنڊ  چٽو نظر اچي ويندو آهي.

اڄ ولي ناريجي جو جنم ڏڻ آهي ۽ جنم ڏڻ تي کيس کوڙ ساريون واڌيون ڏيندي اهو جملو ضرور چوڻ پوي ٿو ته جيڪڏهن سماج ۾ ولي ناريجي جهڙا شخص موجود آهن ته پور سماج ضرور ڌٻڻ مان پنهنجا پاند آجا ڪري هڪ ڏينهن هڪ انقلاب کي جنم ڏيندو ڏيندو، هيپي برٿ ڊي ولي ناريجو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.