واحد سومرو ادبي پيچري جو اڻٿڪ پانڌيئڙو

تحرير: ذلفي چاچڙ

ڪراچيءَ جي شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آئون ڪتابن جي تلاش ۾ ريگل چوڪ تي لڳندڙ ھفتيوار  بازار ۾ وڃڻ لڳس تھ ھيءُ شخص ڪٿي نھ ڪٿي منھنجي منھن پئجي ويندو  ھو جيڪو اڪثر مونکي ڦٽ پيري تي پيل ڪتاب ڦلوريندي نظر ايندو ھو ، ۽ اھي ڪتاب اڌ وڪري ۾ خريد ڪري ڪلھي ۾ لڙڪيل ٿيلھي ۾ وجھندو ويندو  ھو  ،اھو ڏسي آئون حيران ٿي ويندو ھئس تھ مار ھي شخص ڪيڏو نھ ادبي لحاظ سان اڃايل آھي جو ھر ھفتي ايترا ڪتاب خريد ڪرڻ باوجود بھ سندس اڃ نٿي اجھامي ۽ ٻي ھفتي پھريان کان بھ وڌيڪ ڪتاب وٺي وڃي ٿو . ،ان لاءِ ھو سوشل ميڊيا تي وقت وڃائڻ بدران لکڻ ۽ پڙھڻ واري ڪرت ۾ مگن آھي ،جيڪو اڄ بھ ڪتابن جو متلاشي آھي، ۽ انھن جي ڳولا ۾ گرمي ھجي يا سردي ،موڪل واري ڏينھن آرام ڪرڻ جي بدران ھو گھر  مان ساجھر ئي نڪري پوي ٿو ،ھن کي حقيقي معني ۾ نرم ۽ گرم بستر تي نھ پر ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻ  ۾ ئي کيس سک ،سڪون ۽ آرام حاصل ٿئي ٿو

پر ڪراچي پريس ڪلب ۽ آرٽس ڪائونسل توڙي نيشنل ميوزم ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۽ ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ بھ اھو پنھنجي مخصوص ٿيلھي سميت جيڪو سدائين اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابن سان ڀريل ھوندو آھي ،سڌ پئي تھ اھو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ ، ڀلوڙ ڪھاڻيڪار ،نثر نويس ،ناول ۽ ڪالم نگار عبدالواحد سومرو آھي ، جنھن کي سموري سنگت پيار مان واحد سومرو سڏيندي آھي.

واحد نھ واکاڻ پسند آھي ، ۽ نھ ئي شھرت جو بکيو جيڪو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي دستوري گڏجاڻين ۾ پنھنجي لکڻين تي ٿيندڙ تنقيد کي خوشي ۽ دل سان قبول ڪندو رھي ٿو، ھو عام ليکڪن جيان ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پنھنجي تصوير ناھي ڏيندو ، جيڪا ڏيڻ گھرجي ڇو تھ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ ان جي اھميت وڌندي رھي ٿي ، جنھن جو کيس شايد احساس ناھي ، ڇاڪاڻ تھ ان عمل سان اڀرڻدڙ ٽھي يا ايندڙ نسل ليکڪ کان گھڻي قدر اڻڄاڻ ۽ اوپرو بڻجي ويندو آھي .

15فيبروري 1967ع تي شھدادڪوٽ شھر جي ڊرٻ محلي ۾ حافظ عبدالغفور جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالواحد سومرو پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آھي ، جيڪو واٽر بورڊ ڪراچيءَ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي .

واحد سنڌي ادب تي گھري نظر رکندڙ شخص آھي م جيڪو اسان کي اڪثر بيٺي پير ئي سنڌي ادب ۾ شايع ٿيندڙ نوَن ڪتابن بابت آگاھ ڪندو رھندو آھي ۽ انھن تي مختصر تبصرو پڻ ڪري وٺندو آھي ، ڪھاڻيون ۽ ناول سندس پسنديدھ  موضوع ۽ صنفون آھي ، جنھن تي ھو خود بھ طبع آزمائي ڪندو رھي ٿو ،

1.مان سنڌ گھمڻ نھ ويندس ،ڪھاڻيون ، 2.ڌرتي جو پٽ ڪھاڻي ، 3 .ايلسا ناوليٽ، 4.مس ڪال ناول ، 5.قاتل ٻلي ، 6.اڌ چھرو ، 7.آڪاش جي ٻڪ ۾ (گڏيل ڪھاڻيون)،   8.مس ڪال ٻيو ڇاڀو ، 9. گينگز آف ڪراچي ڪھاڻيون ، 10.آزادي زندھ آباد ترجمو ٻاراڙيون ڪھاڻيون

ڌرتي جي پٽ مان سنڌ گھمڻ نھ ويندس، ايلسا مس ڪال ۽ اڌ چھرو سندس مشھور ڪتاب آھن ،جڏھن تھ تازو ”قاتل ٻلي“ جي نالي سان پڻ ڪتاب شايع ٿيو آھي ، جنھن ۾ ترجمو ٿيل ٻارن جون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آھن ،سندس لکڻين جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالھھ مان ئي لڳائي سگھجي ٿو تھ سندس ناول مس ڪال جو پھريون ڇاپو ھڪ سال اندر ئي ختم ٿي چڪو آھي جنھن جو  ٻيو ايڊيشن ڇپجي چڪو آھي ، جيڪو مرڪ پبليڪشن ڪراچي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو

ڪو ليکڪ ڊگھي ساھي پٽي ٿڪ ڀڃي لکڻ ڏانھن ٻيھر موٽ کائيندو آھي تھ ڪو ملڪي پر عبدالواحد سومرو سٽن جي سفر ۾ ڪٿي بھ ٿڪ ڀڃندي نظر نھ ٿو اچي ،وٽس اڻڇپيل مواد جو وڏو ذخيرو موجود آھي ،ھو ھلڻ ۽ حرڪت کي ئي زندگي سمجھي ٿو، واحد ھڪ اھڙي زندگي جِي رھيو آھي، جيڪا ختم تھ ٿي سگھي ٿي پر فنا ناھي ٿڻي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.