چونڊ نتيجن خلاف بلوچستان ۾ ڌرڻا جاري، حب ۾ فائرنگ،2 ڄڻا مارجي ويا

حب (رپورٽ:يار محمد بروهي) حب ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 21 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران 2 ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو. سوڪ سينٽر حب ۾ ٿيندڙ جهيڙي دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي اطلاع ملندي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شاهديون گڏ ڪيون. چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي، نيشنل پارتي ۽ بي اين پي جي اپيل تي ڪوئيٽا ۾ ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڪوئيٽا چمن، قلعه سيف الله،لورالائي، زوب ۽ پشين ۾ قومي شاهراهون بلاڪ ڪيون ويون جنهن سبب بلوچستان جو پنجاب ۽ ڪي پي سان زميني رابطو ٽٽي ويو،نصير آباد ۾ ڌانڌلي خلاف پ پ جو ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي،پشاور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، بنون ۾ پي ٽي آءِ جو ٻن صوبائي تڪن ۾ چونڊ نتيجن خلاف ڌرڻو جاري آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.