ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تينو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اجميرنگري جي علائقي کان اغوا ٿيندڙن نينگري مقدس جي هڪ سال کان پوءِ لاڙڪاڻي جي علائقي مان بازياب ٿيڻ بابت ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڇوڪري کي اغواڪري زبردستي شادي ڪرڻ واري جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پوليس کي اغوا ڪندڙن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . عدالت ڊي آءِ جي اولهه کي جوابدارن کي گرفتارڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته جوابدارن ٿاڻي اجميري نگري جي علائقي مان معذور شهري جي 13سال جي نينگري کي اغوا ڪيو. جوابدارن نينگري کي اغوا ڪري لاڙڪاڻي وٺي ويا. جوابدارن نينگري جو نالوو فاطمه رکي جوابدار نذير سان شادي ڪرائي.گذريل ڏينهن جڊيشنل مجسٽريٽ ڇوڪري ڪري کي چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ موڪليو آهي. عدالت نينگري کان پچاڻو ڪيو ته اوهان جي عمر ڇا آهي. نينگري جواب ڏنو ته 20 ورهين جي آهيان. عدالت نينگري جي عمر تي تڪراري بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ سال پهرين ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس جوابدارن کي گرفتارنه ڪيو . عدالت 28 فبيروري تي ڊي آءِ جي اولهه کي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو. عدالت چائلڊپروٽيڪشن يونٽ ۾وارثن کي نينگري سان ملڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.