آصف زرداري پي ٽي آءِ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي، شير افضل جي دعويٰ

اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري گذريل رات پي ٽي آءِ سان  رابطي جي ڪوشش ڪندو رهيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شرافضل مروت دعويٰ ڪئي ته آصف زرداري رات 11 وڳي تائين مون سان رابطو ڪندو رهيو، انهن رابطن تي موجود قيادت عليما خان، شهريار آفريدي، شاندنا گلزار سان گڏ ويٺاسين ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شير افضل موجب پيپلزپارٽي اشارو ڏنو آهي ته توهان قانوني طريقي سان پنهنجون سيٽون واپس وٺو، اسان اعتراض نه ڪنداسين. هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي اشارو ڏنو ته اسان جي ترجيح ن ليگ بدران پي ٽي آءِ آهي. شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو واضح موقف آهي ته هو مينڊيٽ چوري ڪندڙن سان گڏجي حڪومت نٿا ٺاهي سگهن. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شير افضل مروت سان ڪنهن به رابطي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب مرڪزي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هو شيرافضل مروت کي سنجيده شخص نٿو سمجهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ سان رابطو ڪرڻو هو ته ڪنهن سنجيده شخص سان رابطو ڪري ٿئي ها. پ پ اڳواڻ چيو ته شير افضل مروت خوابن ۾ به آصف زرداري کي ڏسي رهيو آهي، پي ٽي آءِ وارن کي خبر پئجي وئي آهي ته سندن حڪومت نه پئي ٺهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.