ملڪي تاريخ جي اٺين چونڊ اٺ فيبروري تي چونڊ ٿي گذري۔نتيجن موجب ڪن اميدوارن کٽي جشن ملھايا ۽ ڪن وري ھارائي احتجاجي ڌرڻا ھڻي خلق خدا کي تاراج ڪيو۔ دنيا جي جمھوري ملڪن ۾اتان جي دستور موجب چونڊون ٿينديون رھنديون آھن۔پر انھن جي خوشي ۽ احتجاج جو پنھنجو ھڪ مھذب طريقو ٿيندو آھي۔اتي کٽڻ وارا اميدوار ۽ جماعتون حڪومتون جوڙي ملڪ جي فلاح ۽ ترقيءَ جا منصوبا جوڙيندا آھن۔ھارائڻ وارا اميدوار ۽ جماعتون پنھنجون شڪايتون قانون جي دائري ۾رھندي انتخابي ڪميشن ۽ عدالتن ۾داخل ڪرائي انصاف وٺندا آھن۔ مخصوص شاھراھن جي ڪنارن سان چؤسولن ۽ باغيچن ۾بئنرکڻي فضيلت سان نعرا ھڻي احتجاج جواظھار ڪندا آھن ۔اتي نه ته سواريون بند ٿينديون آھن نه وري ڪو دنگو فساد ڪري باھيون ڏئي ماڻھو ماريا ويندا آھن۔
باقي جائز ناجائز حق ۽ ناحق جافيصلا روڊن تي دنگي فساد بدران واسطيدار قانون جا ادارا ڪندا آھن۔ اھو آھي مھذب دنيا جي سڌريل ماڻھن جي احتجاج جو طريقو. فرق اھو آھي ته اتي عوام ۽ ادارن کي پنھنجن حقن ۽ فرضن جي خبر آھي۽ ھوانھن جي دائري کان ٻاھر ناھن نڪرندا۔ جنھن ڪري سندن ملڪن ۾انتشار بدران اعتدال پسنديءَ کان ڪم ورتو ويندو آھي۔ان سبب ملڪ ۾امن امان ۽ معاشي بحران پيدا ناھن ٿيندا۔ اسان جي ملڪ ۾ ڪابه چونڊ خير خيريت سان پڄاڻيءَ تي ناھي پھچندي۔ ھتي چونڊون اعتدال بدران انتشار آڻينديون آھن۔٢٠١٨واري چونڊ کان پوءِ جيڪو ٿيو سو راڄن ڏٺو۔انھيءَ کان اڳ واري ٢٠١٣جي چونڊ کان پوءِ لڙ ھنگاما ڌرڻا ۽ احتجاج ٿيا۔ان جو نتيجو عوام جي معاشي بدحالي ۽ ذري گھٽ ملڪي ڏيوالپڻي کي قوم ڀوڳي رھي آھي۔
ملڪ ۾ پھريون ڀيرو ھڪ حڪومت کي عدم اعتماد ذريعي ھٽايو ويو۔ پر ان جمھوري عمل کي کليل دل سان تسليم ڪرڻ بدران سازش جوشور مچايو ويو۔اسان جي ملڪ جي سياستدانن کي ھر ڪاميابي پنھنجي ڪاوش نظرجندي آھي ۽ ھرناڪامي سازش ۽ اھا به آمريڪي سازش لڳندي آھي۔نظر نه ايندڙ اصل حقيقتون ۽سبب اکين کان اوجھل رھندا آھن ۽ مفروضن تي مارمارو ھوندو آھي۔ پارٽين ۽ سياسي جماعتن جي ڪمزوري وري اھا آھي ته ڪاميابي قبولڻ سان گڏ ناڪاميءَ کي سنجيدگيءَ سان سمجھي انھن ڪوتاھين کي دور نه ڪيو ويندو آھي۔پر ھتي ايئن ڪرڻ بدران ھٺ ڌرميءَ سان ٻئي کي ڪوڙو ڪوٺڻ تي زور ڏنو ويندو آھي
تازيون چونڊون به ان صورتحال جي ڌنڌ ۾لٽجي رھيون آھن۔جنھن ڪري ملڪ۾اميد بدران نااميديءَ جا ڪڪر ڇائنجي رھيا آھن۔ملڪي۽غيرملڪي ادارا ان ڳالهھ تي ته متفق آھن ته مجموعي طور ووٽ وجھڻ جي حد تائين ڪابه ڳڙٻڙ ناھي ٿي۔باقي ڪن اميدوارن ۽ جماعتن کي اھا شڪايت آھي ته آراوز ۽ ڊي آراوز جي سطح تي ساڻن کوٽ ڪيو ويو آھي۔جيڪڏھن اھا دعويٰ مڃجي به کڻي ته به ان جو ذميوار ملڪ جو ووٽر يا عام ماڻھو ته ناھي۔ان لاءِ ذميوارادارن۽فردن جي خلاف قانوني ڪرروائي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن اليڪشن ٽريبيونلز ۽ اعليٰ عدالتون موجود آھن۔ ملڪ ۾پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ بدران واسطيدار ادارن ۾ڪرايا وڃن ته بھتر آھي۔ باقي جلاؤ گھيراؤ لٺ باٺو گارگند رستاروڪ ذريعي عام ماڻھن اھنج ۾وجھڻ وارو رواج ھاڻي پراڻوآھي۔ جيڪو ختم ٿيڻ کپي۔خلاف قانون طريقن بدران قانوني قدم کڻي مسئلا حل ڪرائڻ کي ترجيح ڏني وڃي۔جيڪا رسم اسان وٽ اڃان رائج نه ٿي سگھي آھي۔
چونڊون ملڪ۽عوام جي حالت سڌارڻ لاءِ ڪرايون وينديون آھن نه ڪي ابتري پيدا ڪرڻ لاءِ ۔کٽڻ واري جي به ھزارن جي برتريءَ جي دعوا آھي ته ھارڻ واروبه اھومؤقف رکي ٿوته کيس ھزارن ووٽن سان کوٽ ڪري ھارايوويوآھي۔کٽڻ واري جي ھٿ ۾به فارم پنجيتاليھه ۽ ستيتاليھه آھي ته ھارايل اميدوار جي فائيل۾به فارم پنجيتاليهھ ۽ ستيتاليهھ ثبوت طور موجود آھن۔اھڙين حالتن ۾ٻئي ڌريون پنھنجن دعوائن ۾سچيون ته نٿيون ٿي سگھن! انھن مان ھڪ ڌر ضرور غلطيءَ تي آھي۔ھاڻي ڪير صحيح آھي ڪير غلط آھي؟ ان جو فيصلو لڙ پکيڙي ۽ انتشارسان ته نٿو ٿي سگھي۔ ان لاءِ عدالتن به واضح ڪيو آھي ته پنھنجون شڪايتون چونڊ ٽريبيونلز ۾داخل ڪريو۔ اتان مطمئن نه ٿيوته پوءِ عدالتن ۾اچو ۽ جيڪا صلاح صحيح آھي۔ پر ھراميدوار پنھنجي ان مطالبي تي بضد آھي ته سندس ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي۔جيڪو ممڪن ڪونھي۔جيڪو جنھن جو ڪم آھي ان کي ڪرڻ ڏنو وڃي۔ڄاڻو۽باخبر ذريعا اھوبه ٻڌائين ٿاته ڪيترن اميدوارن ھٿرادوفارم پنجيتاليهھ ۽ ستيتاليھه آھن۔ جيڪي چونڊ ڪميشن جي فارمن سان نٿاملن نه وري اھي چونڊ انتظاميا جاري ڪيا آھن۔ انھن فارمن جي غلط۽ صحيح ھجڻ جو فيصلو فرد واحد ڪرڻ بدران مجاز ادارو ئي ڪري سگھي ٿو۔ جيڪي چونڊ ٽريبينلز ۽ عدالتون ئي آھن۔ ان ڳالهھ ۾ٿورو وزن آھي ته چونڊ ۾گڙٻڙ جو شبھو نتيجا دير سان اچڻ جي ڪري به ٿئي ٿو۔جنھن جي جاچ بهرحال ٿيڻ کپي۔ ١٩٨٨ ۽ ١٩٩١جي چونڊ کي ھٿ سان جوڙڻ ۽ رستن سوارين جي کوٽ باوجود چونڊ نتيجا ٻئي ڏينھن سويروئي اچي ويا ھئا۔پر ھاڻي ته اھو سڄو ڪم ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ذريعي جوڙي اماڻيووڃي ٿو۔جنھن ڪري نتيجن اچڻ۾ٽن ڏينھن ۾اچڻ عجب جھڙي ڳالهھ آھي۔جنھن دير جي وضاحت چونڊ ڪميشن طرفان ٿيڻ گھرجي۔ووٽ جي پرچي وجھڻ تائين مجموعي طور چونڊ ماحول نھايت ئي پرامن رھيو۔جنھن دؤران گڙٻڙ ۽بدامنيءَ جوگھڻو انديشو ھوندو آھي۔پر رات جو ٻارھين وڳي نتيجا ھڪدم سست ٿي وڃڻ تعجب جھڙي ڳالهھ آھي۔جنھن عمل انتشار کي ھٿي ڏني۔ھڪ ته چونڊون آئيني مدي کان به دير سان ٿيون۔جنھن ڪري نگران حڪومتن جومدو به وڌي ويو۔ھاڻي چونڊ نتيجن جي ڦڏي جي ڪري نئين حڪومت جڙڻ ۽ اقتدار منتقل ٿيڻ ۾غيرضروري دير ٿي رھي آھي۔٢٠١٨ع وارن چونڊ نتيجن ۾ دير ٿيڻ ڪري فائدي ۾ رھندڙ ڌر خاموشي اختيار ڪئي ھئي۔جيڪا ساڳي ڌر ھاڻي نتيجا دير سان اچڻ کي ڌانڌلي سڏي رھي آھي۔ھڏي وڏي قومي ڪاڄ ۾ننڍي وڏي سنھي ٿلھي ڪوتاھي ضرورٿي سگھي ٿي۔جن جي ازالي لاءِ قانون ۽ ادارا موجودآھن۔انھن کي حرڪت ۾آڻڻ گھرجي۔جتي چونڊن کي عوام لاءِ آرام جو سبب ھئڻ گھرجي۔اتي موجوه چونڊون عوام آزار ٿي رھيون آھن۔
ھتي ھڪ عجيب اتفاق آھي ته ھتي چور ۽ ڀاڳيو ٻئي گڏجي چورچور ڪري رھيا آھن۔ ان لڙ ۽ شور ۾جيڪو چور آھي به ته اھولڪڻ ۾ڪامياب ٿي ويندو۔ھتي ڀاڳين کي گڏجي اتفاق سان اصل چور ڳولڻ گھرجي نه ڪي ھڪٻئي کي چورچور چوڻ گھرجي۔سياست ۽ چونڊ عمل کي تھذيب ۽ اخلاق جي دائري کان ٻاھر نه وڃڻ گھرجي۔ان دائري مان نڪرڻ سان انتشار ۽ معاشي فساد اڀرندا جيڪي ملڪي سلامتيءَ کي ھاڃو رسائيندا۔ھن وقت ملڪ جون حالتون ان ڳالهھ جون گھرجائو آھن ته سڀ سياسي ڌريون گڏجي موجوده ڦڏي جو ڪو حل ڪڍن۔ جنھن ۾اول ته دعويدار ڌريون پنھنجي عددي اڪثريت ثابت ڪن ۽ جيڪو اھا اڪثريت ثابت ڪري ان کي حڪومت ٺاھڻ ڏني وڃي۔ان کان علاوه قومي حڪومت يا گڏيل حڪومت جوڙڻ لاءِ سوچڻ ۾به ڪو حرج ڪونھي۔پر ڪنھن به طرح ملڪ کي چونڊ بحران مان ڪڍيو وڃي۔جيئن ملڪ جو سياسي۽ معاشي سفر شروع ٿي سگھي۔سياسي ڦڏن اڳيئي ملڪ کي وڏو نقصان رسايو آھي۔جنھن سان ملڪ جي وڏي بدنامي ٿي رھي آھي۔
عالمي ادارا به ملڪي حالتن جا ٻٽا چٺا ظاھر ڪري رھيا آھن۔اول انھن راءِ ڏني ته چونڊون پرامن ۽ منصفاڻيون ٿيون آھن۔ ھاڻي وري سندن ٻي راءِ ۽ مطالبو اچي رھيوآھي ته چونڊن جي جاچ ڪرائي وڃي۔ جيڪا ڀل ٿيڻ گھرجي ۔پر اھا جاچ حڪومت سازيءَ جي عمل ۾غير ضروري دير جو سبب نه بڻجي۔ چونڊون ۽ انھن جي نتيجن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ حالتون ملڪي امن امان قومي سلامتي معاشيات سياسي استحڪام ۽ پرڏيھي پاليسيءَ تي نھايت برو اثر وجھي رھيون آھن۔ ڇوته ھينئر ملڪ جون حالتون مثالي به ڪونھن۔جن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ملڪ۾مضبوط ۽ جٽاندار حڪومت جو ھجڻ ضروري آھي۔جيڪوسياسي قوتن ۽ڪاموراشاھيءَ جي ھٿ وس گھڻوآھي۔جيڪي ھڪٻئي سان سرچاءُ ڪري ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍي سگھن ٿيون۔
موجوده نااتفاقيءَ جو فائدو ملڪ دشمن قوتن کي پئجي رھيو آھي ۽جيڪي موقعو ملندي ئي اوچتو ملڪي سلامتيءَ کي ڌڪ ھڻي ڪڍن ٿا۔ جنھن کان بچڻ جي ڍال سياسي طور سياست دانن جي ھٿ ۾آھي۔اسان گذريل مضمون ۾ اڳي به لکي آيا آھيون ته ملڪ جي سياسي ميدان کي پرامن رکيو وڃي۔ايئن نه ٿئي جوسياسي ميدان جي انتشار جي ڪري ڪو ٻيو غير سياسي ميدان سينگارجي وڃي۽ ان جو الزام به ملڪ جي سياسي قوتن تي اچي وڃي۔جنھن مان سياسي ڌرين کي ڪجهھ به نه ملندو۔