چونڊيل نمائندن کي گذارش: هاڻي عوام جي اميدن تي پورو لهي ڏيکاريو

سال 2024ع جي ٿيل چونڊن کانپوءِ هاڻي پارليامينٽ جوڙي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٺاهڻ جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. پارليامينٽ اندر جيڪا به جماعت يا اتحادي جماعتون اڪثريت ثابت ڪنديون تن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويندي. جيستائين اهي حڪومتون جڙن، صدر، وزيراعظم، وڏا وزير، وزير، صلاحڪار ۽ مختلف ادارن جا نوان سربراهه مقرر ٿين  انهن ڄاڻايل عهدن جي اميدوارن کي هاڻي کان ئي هوم ورڪ ڪرڻ گهرجي رٿابندي ٺاهڻ گهرجي. صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي وزارتون ۽ عهدا ملندا ته اهي ڪيئن غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

جنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪنهن اداري جو سربراهه بڻايو ويندو، ڪو عهدو ملندو آهي ته اسان سمجهندا آهيون يا اهو سمجهڻ گهرجي ته ان ماڻهوءَ کي اصل ۾ تاريخ پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو سونهري موقعو مهيا ڪيو آهي پر افسوس ته هتي رڳو عهدن وٺڻ کي ئي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻايو ويندو آهي. ان عهدي تي ڪم ڪرڻ جي ڪا سنجيدگي ۽ دلچسپي نظر ناهي ايندي، جيڪا حيرت جي ڳالهه آهي.

موجوده چونڊن کي ئي ڏسجي ته سياسي اميدوارن چونڊ کٽڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏي هئي پر جيڪڏهن اهي اميدوار ماضي ۾ عوام جي خدمت لاءِ ايئن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين ها ته شايد چونڊن کٽڻ لاءِ کين ايڏي جفاڪشي نه ڪرڻي پوي ها. عوامي خدمت جو گهر ويٺي ڦل کائين ها. سو هاڻي به چونڊيل اميدوارن کي اها سوچ کڻي اسيمبلين ۾ وڃڻو پوندو ته جنهن مقصد لاءِ انهن ڏينهن رات هڪ ڪري چونڊ وڙهي هئي سو مقصد يعني عوام جي خدمت ئي سندن اوليت هوندي. انهن عوام سان چونڊ مهم ۾ جيڪي واعدا ڪيا هيا سي لازمي طور پورا ڪرڻا آهن. اهو ٽارگيٽ طئي ڪري ۽ ان لاءِ هو ورڪ ڪري اهي اقتداري ايوانن ۾ ويندا ته تڏهن ئي اهي ڪجهه ڪري سگهندا ۽ عوام کي ڪو رليف ملي سگهندو. پر جيڪڏهن اهڙي ڪا سوچ، ڪو مقصد، ڪم ڪرڻ جو جذبو کڻي اعليٰ ايوانن ۾ نه، ويندا ته پوءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندا ۽ روايتي وزيراعظم وڏا وزير، وزير ۽ ڪامورا بڻجي حڪومتي وسيلن تي بار بڻيل رهندا.

ماضي ۾ ته اها حالت هئي جو اڪثر ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ترقياتي رٿائن جا پراجيڪٽ ئي ٺاهي نه سگهندا هيا نتيجي ۾ حڪومت پاران مليل فنڊ ليپس ٿي ويندا هيا، انهيءَ کان وڏي شرم جي ڳالهه ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. اسان اهو به ڏسندا رهيا آهيون ته اڪثر وزير وزارتون وٺي گم ٿي ويندا آهن، پنهنجين وزارتن تي ڪم ڪندي نظر ناهن ايندا. جڏهن ته ٻئي پاسي ته ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي، مسئلا ئي مسئلا جتي ڪٿي پيل هوندا آهن پر حڪومتي عملدار وري ڪک ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. ڪيڏي نه اها بدقسمتي آهي.

پر سوال اهو آهي ته آخر عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي. عوام ته چونڊن ۾ ووٽ ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏي ٿو، عوام جي مسئلن جي حل جي ذميواري چونڊيل نمائندن جي هوندي آهي جيڪا کين کڻڻي پوندي. اهو سڀ انهيءَ احساس وچان ڪرڻو پوندو ته هاڻي عوام باشعور ٿي چڪو آهي هاڻي اهو قصو ايئن نه هلندو جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندو آيو آهي. هاڻي حساب ڪتاب ٿيندو. چونڊ مهم ۾ به اسان ڏٺوسين ته ڪيترن علائقن ۾ اميدوارن کي پنهنجن تڪن ۾ به اچڻ  نه ڏنو ويو. مٿن اها تنقيد پئي ٿئي ته هميشه چونڊ مهم لاءِ ايندا آهيو، باقي عام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن هيڏانهن اچڻ جي زحمت ڇو  ناهيو ڪندا ڪن علائقن ۾ ته عوام پاران بينر به لڳايا ويا ته مهرباني ڪري هاڻي هيڏانهن اچڻ جي ڪا تڪليف نه ڪجو.

اهو سڀ سکڻ جو مقام آهي. سڄي عمر سکبو ئي رهبو آهي، بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪبي آهي. اها نمائندن جي خوشنصبي آهي سندس ڀاڳ آهن ته عوام کين چونڊيو آهي. هاڻي کين عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ان تي سوچڻ گهرجي تنهن ڪري گذارش ڪريون ٿا ته هاڻي عوام جي ڪمن جي فهرست تيار ڪري انهن تي هڪ هڪ ڪري ڪم ڪرڻ جو مشن کڻي اسيمبلين ۾ وڃڻو پوندو. جيستائين ٽارگيٽ مقرر نه ڪبو تيستائين گهربل ڪم نه ٿي سگهندو سائنسي طور ڪم ڪرڻو پوندو، علائقن جي مسئلن جي ڊيٽا تيار ڪري انهن تي ترتيب وار ڪم ڪرڻو پوندو. ڪو به ڪم ناممڪن ناهي ضرورت رڳو اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جو ۽ ڪم سان پاڻ ارپڻ جو آهي. چونڊيل نمائندن ته هونئن به عوام سان واعدا وچن ڪيا آهن،  جيڪي کين اخلاقي طور به پورا ڪرڻا آهن مطلب ته هاڻي ڪم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جو سوچڻو پوندو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو جيئن عوام جي اعتماد تي پورو لهي سگهجي  ۽ انهن جو مياري نه ٿي سگهجي.

چونڊيل نمائندن کان اهي ڪم ڪرائڻ حقيقت ۾ مٿين قيادت جي ذميواري آهي خاص ڪري ملڪ جي وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن کي پنهنجن وزيرن جي ڪارڪردگي  تي نظر رکڻ گهرجي ان جو هڪ طريقو اهو به آهي ته هر وزير کي سئو سئو ڏينهن جو ابتدائي ٽارگيٽ ڏيڻ گهرجي جيڪڏهن اهي انهن سئو ڏينهن ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهن ته انهن کي هٽائي ٻين کي موقعو ڏيڻ گهرجي اهو لازمي ناهي ته جيڪو وزير ٿيو تنهن کان ڪو پڇاڻو نه ٿئي، پڇاڻو نه ٿيندو ته پوءِ ڪم به نه ٿي سگهندو ۽ ڪم نه ٿيندو ته حڪومت جي ڪارڪردگي خراب ليکي ويندي جنهن جو اثر ايندڙ چونڊن تي پوندو. پاڪستان ۾ گڊ گورننس جو هونئن ئي فقدار آهي ان کي بهتر ڪرڻ به ايندڙ حڪومت لاءِ چئلينج هوندو.

اسان ته بس گذارش ئي ڪري سگهون ٿا، تجويزون ڏئي سگهون ٿا، نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري سگهون ٿا. اميد آهي ته چونڊيل نمائندا وقت ڪڍي اسان جي گذارش تي ڌيان ڏئي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري سگهندا ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.