پاڪستان جي ھاڻوڪين چونڊن جي باري ۾ سڌ سماءَ جي عالمي ذريعن جي رپورٽن مان ظاھر ٿي رھيو آھي تھ ڌانڌلي جي ذريعي رد ڪيل،اڌ مئل سياسي قوتن کي ملڪ تي انتھائي نرڄائي ۽ بيھودي انداز سان ٿاڦڻ تي سموري دنيا ۾ دانھن ٿي رھي آھي.ان جو پڙاڏو سڄي دنيا جي خبرنامن،تجزين ۽ اخباري رپورٽن ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي.پاڪستان جي ڪيترن ئي ھنڌن تي احتجاج ٿي رھيو آھي.
سوال ھي آھي تھ پاڪستان جون چونڊون رڳو ڍونگ بڻايو ويو تھ دنيا اسان کي ڪھڙي نظر سان ڏسندي،ڇا اسان جو انصاف جو نظام بھ ڍونگ بڻجي ويندو،ڇا ميڊيا جي بچيل سچيل آزادي بھ ختم ڪئي ويندي،انساني حقن جو زوال جاري رھندو.جلسن جي آزادي ختم ڪئي ويندي،قانون جي پاسداري نھ ھوندي،پاڪستان ان رستي تي ھلندو رھيو تھ اسين ھڪ زوال واري سماج ڏانھن ھلندا رھنداسين.عالمي سطح تي صرف اھي ملڪ عزت ۽ مقام حاصل ڪن ٿا جيڪي پنھنجن شھرين جو احترام ڪن ٿا.
حيرت آھي تھ ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ان جي اھميت کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن،حڪومت جا سمورا ادارا بدنام ٿي رھيا آھن،ھن وقت دنيا ۾ رڳو ھڪ ڳالھھ کي پذيرائي ملي آھي تھ، ملڪ جي غيور عوام جنھن نموني سان سموري دٻاءَ جي باوجود چونڊ عمل ۾ ڪردار ادا ڪيو اھو گھڻو اھم ٿي ويو آھي، جڏهن ته اھڙيون حالتون پئدا ٿي ويون ھيون جو ماڻھون ان عمل کان پري رھن ھا ۽ انھن جي شامل ٿيڻ سان پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 2024 جي اليڪشن ۾ عوام عام طور تي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف خاص طور تي جنھن انداز سان شرڪت ڪئي، تنھن سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آھي.پاڪستان جي عوام ۽ پي ٽي آءِ، جي ڪارڪنن جي ھمت ۽ عوام جي اھڙي نموني سان متحرڪ ٿيڻ سان انھن جي ھر ھنڌ واکاڻ ٿي رھي آھي،بلڪھ انھن کي داد ۽ تحسين سان نوازيو پيو وڃي، انھن جي واھ واھ ٿي رھي آھي،ان چونڊن جي عمل سان پي ٽي آءِ،کي ٻاھر ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري سطح تي ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو ويو.
9 اپريل 2022 تي پاڪستان ۾ عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کان ويندي ھن وقت تائين ھر گذرندڙ ڏينھن سان پي ٽي آءِ ۽ ان جا ڪارڪن حڪومت ۽ رياست جي جبر جو شڪار آھن ۽ انھن کي ھر طرح سان سياسي عمل کان ٻاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.پھرين مرحلي ۾ انھن عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ 25 مئي 2022 واري ريلي ۽ ان جي تياري دوران انھن گرفتارين ۽ تشدد کي منھن ڏنو.جنھن ۾ ڪيترائي ڪارڪن مارجي ويا ۽ ريلي واري ڏينھن لاٺي چارج، ان موقعي تي مدي خارج زھريلي گئس جو استعمال،ان کانپوءِ عمران خان جي قافلي تي نومبر 2022 تي قاتلاني حملي ۾ عمران خان کي زخمي ڪرڻ ھڪ وڏو سانحو ھو.ان کانپوءِ 9 مئي 2023 تي عمران خان جي رينجرز جي اھلڪارن جي ذريعي گرفتاري جي ردعمل ۾ ٿيندڙ ھنگامن کانپوءِ پي ٽي آءِ، کي چٿڻ لاءِ شدت سان آپريشن ڪيو ويو،لڳ ڀڳ 10 ھزار ڪارڪن گرفتاري ڪيا ويا جنھن ۾عورتون پڻ شامل ھيون.پاڪستان تحريڪ انصاف تي اڻ اعلانيل پابندي لڳائي وئي، ان جي اھم اڳواڻن تي ڪيس قائم ڪري پي ٽي آءِ، ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، جھانگير ترين جي اڳواڻي م استحڪام پارٽي جي نالي سان ھڪ سياسي جماعت ٺھرائي وئي،جڏھن تھ ھڪ ٻي سياسي جماعت پي ٽي آءِ، پارليامينٽيرين جي نالي سان پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ ٺھرائي وئي. ان وچ ۾ پارٽي جي پھرين ٻئي ۽ ٽئين درجي جي سياسي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو.ڪجھ وڪيل ميدان ۾ رھجي ويا.ڪيترائي کي ڪارڪن انڊر گرائونڊ ھليا ويا،حامين جا گھر ڊاٿا ويا،پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي پارٽي جي اندر ٿيل چونڊن جا جيڪي نتيجا اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ جمع ڪرايا ھئا،ان تي اعتراض لڳائي ان جي فيصلي کي روڪيو ويو.جڏھن تحريڪ انصاف عدالت کان رجوع ڪيو تھ 71 ڏينھن کانپوءِ عين چونڊن کان ٿورو اڳ تحريڪ انصاف کي ان جي پراڻي آئين مطابق ٻيھر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ چيو ويو،اھڙي موقعي تي جڏھن پارٽي جا اڻ ڳڻيا اڳواڻ روپوش ھئا،پي ٽي آءِ، جا جھنڊا کڻي ھلندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو ھو.پي ٽي آءِ، کي اسلام آباد جي سڀني ھوٽلن ۽ ٻين اھڙن ھنڌن تي جتي پي ٽي آءِ، کي چونڊون ڪرائڻيون پئي چاھيون.انھن علائقن جي انتظاميھ سرڪاري دٻاءَ جي ڪري اجازت نھ ڏني.جنھن کانپوءِ پشاور ۾ پڻ انھن کي بھتر ھنڌ نھ مليو،مجبوري ۾ پي ٽي آءِ، پنھنجون چونڊون پشاور جي ڀرسان ھڪ ھنڌ تي ڪرائي، ان جي نتيجن جو سرٽيفڪيٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ جمع ڪرايو.
ان ھوندي ڪجهھ ماڻھن جي اعتراض جي ڪري پي ٽي آءِ، جي پارٽي جي اندر ڪرايل چونڊن کي رد ڪري چونڊنشان بيٽ ڦريو ويو،اھڙي طرح تحريڪ انصاف کي تحليل ڪيو ويو۽ اھڙي ريت ورھايو ويو جو انھن جي اميدوارن کي جدا جدا نشانن تي چونڊن ۾ حصي وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو.اھڙي ريت پارٽي چونڊن عمل کان ٻاھر ٿي وئي.ان جي باوجود پارٽي آزاد اميدوارن جي ذريعي چونڊن عمل ۾ شامل ٿي وئي ۽ حيرت انگيز ڪاميابي جي ويجھو پھچي وئي،رات جو ڏھين وڳين تائين اھا سڄي ملڪ جي سمورن علائقن ڪراچي سميت ھر ھنڌ ڪاميابي حاصل ڪري رھي ھئي.پر اوچتو چونڊن جا نتيجا روڪيا ويا،ان کانپوءِ ٻن ڏينھن تائين چونڊن جي نتيجن جي رفتار انتھائي سست ٿي وئي،تحريڪ انصاف اعلان ڪيو تھ اھا 180 قومي اسيمبلي ۽ لڳ ڀڳ ايتريون ئي سيٽون پنجاب اسميبلي ۾ کٽي چڪي آھي.پر ان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آھي ۽ کين انھن جي اڌ سيٽن تائين محدود ڪيو ويو آھي.تحريڪ انصاف خيبرپختونخواھ ۾ پنھجن ووٽن جي موثر طريقي سان حفاظت ڪئي،ان جو ھڪ سبب اھو پڻ ھو تھ انتظاميھ وڏي دٻاءَ باوجود ڪافي حد تائين غيرجانبدار رھي پر ڪجھھ سيٽن تي ان جي باوجود ڌانڌلي کي روڪڻ ممڪن نھ ٿيو.تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ انھن وٽ پريزائڊنگ آفيسرن جي صحيحن وارا فارم 44 موجود آھن،جيڪي انھن سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن جو ٺوس ثبوت آھي.
تحريڪ انصاف جو مطالبو آھي تھ اھي سموريون سيٽون کين واپس ڪيون وڃن.ھن وقت سڄي ملڪ ۾ ڌانڌلين جو گوڙ آھي،جماعت اسلامي،جي ڊي اي،جي يو آءِ،بلوچستان جي قومپرست جماعتن سميت ھر سياسي جماعت انھن چونڊن کي ڌانڌلي واريون چونڊون قرار ڏئي رھيون آھن،ڪيترين ئي ھنڌن تي پرامن احتجاج لاءِ گڏ ٿيندڙن تي پوليس پرتشدد ڪارروايون ڪيون آھن.ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.ميڊيا جي نمائندن ان جي رپورٽ تيار ڪرڻ ۽نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي.ٽيلويزن چئنلن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تھ اھي ان کي رپورٽ نھ ڪن.
ھاڻي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي آمادھ ڪيو پيو وڃي تھ اھي گڏجي ڪري حڪومت ٺاھين.اھا حڪومت جنھن کي عوام جي خواھش جي خلاف ٿاڦيو ويندو.جيڪا ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانھن ڌڪيندي.حالانڪ منصفاڻي چونڊن جي صورت ۾ مسلم ليگ جو لڳ ڀڳ صفايو ٿي سگھي ٿو.جڏھن تھ پيپلزپارٽي جون سيٽون گھٽ ٿي سگھن ٿيون.اھو ئي سبب آھي جو چونڊن کانپوءِ جيڪو طوفان کڙو ٿيو آھي، اھو ٽري نٿو سگھي.ان جو حل رڳو منصفاڻن نتيجن جو اعلان ئي آھي.
ھاڻي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي آمادھ ڪيو پيو وڃي تھ اھي گڏجي ڪري حڪومت ٺاھين.اھا حڪومت جنھن کي عوام جي خواھش جي خلاف ٿاڦيو ويندو.جيڪا ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانھن ڌڪيندي.حالانڪ منصفاڻي چونڊن جي صورت ۾ مسلم ليگ جو لڳ ڀڳ صفايو ٿي سگھي ٿو.جڏھن تھ پيپلزپارٽي جون سيٽون گھٽ ٿي سگھن ٿيون.اھو ئي سبب آھي جو چونڊن کانپوءِ جيڪو طوفان کڙو ٿيو آھي، اھو ٽري نٿو سگھي.ان جو حل رڳو منصفاڻن نتيجن جو اعلان ئي آھي.