ڪراچي۾ چونڊ هارائيندڙ آزاد اميدوارن پاران قانوني جنگ وڙهڻ جو فيصلو

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ چونڊن ۾ هارائيندڙ  آزاد اميدوارن قانوني جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سماجي ڪارڪن ايڊووڪيٽ  جبران ناصر  جي سربراهي ۾ 8 رڪني وڪيلن جي قانوني ٽيم ڪيس داخل ڪندي، سيو گارڊ ڪراچي ووٽ وڪيل پينل سمورين پارٽين جي اميدوارن جو ڪيس وڙهندو، ذريعن موجب وڪيلن جي ٽيم  بنا فيس جي پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوارن جا ڪيس وڙهندي، 20 کان وڌيڪ اميدوارن ايڊووڪيت جبران ناصر ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪئي، جن ۾ دوا خان صابر، سيف الرحمان آفتاب جهانگير ياسر بلوچ شامل آهن ملاقات ڪندڙن ۾ فهيم خان عالمگير خان زين پرويز محمد طحه عبدالقدير وجهت صديقي رمضان گانچي مراد شيخ جان شير جوڻيجو شامل آهن، جبران ناصر سمورن اميدوارن پاران ڪيس وڙهڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اميدوارن سمورن تڪن تي فارم 45 ۽ ٻيا ثبوت وڪيلن کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.