ڪراچي(سوشل ميڊيا ڊيسڪ) ناليواري دانشور نصير ميمڻ لکيو آهي ته پ پ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي مليل سيٽن جي مخالفت نه ڪندي بلڪه وفاق ۾ معاملا ٺهي وڃڻ سان شايد سنڌ ڪابينا ۾ کين حصو به ڏيندي. زرداريءَ جي اک هاڻي وفاق ۾ صدارت، بلوچستان ۾ وڏ وزارت ۽ پنجاب ۾ گورنريءَ تي آهي. ان وڏي مفاد لاءِ سنڌ جون ٻه چار سيٽون يا وزارتون ڏيڻ هن لاءِ ننڍي ڳالھ آھي،هن وڌيڪ لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي بلوچستان ۾ زرداري ۽ نواز سان گڏيل حڪومت ملڻ واري آهي. ائين ڪرڻ سان کيس وفاق ۾ به ڪجهه نه ڪجهه ملي پوندو. ان ارينجمينٽ سان ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ ٿوري گهڻي ڪا ڀائيواري ٿي وڃي. سنڌ ۾ اڄوڪا ڌرڻا رڪارڊ جي پورائي لاءِ هئا. مولانا ايڏي وڏي گيم کي سنڌ لاءِ نه ڦٽائيندو