آصف زرداري اسٽيبلشمينٽ کان ڊڄندو هوندو اسان نٿا ڊڄون : راشد محمود سومرو

حيدرآباد /بدين ( نمائندن وٽان )  حيدرآباد باءِ پاس تي به جمعيت علماءِ اسلام(ف) پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو، جي يو آءِ (ف ) اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، مولانا اعظم  جهانگيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واڌو واهه گيٽ ڀرسان الفلاح وٽ باءِ پاس تي هنيو ويو. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ٽريفڪ بند ٿيڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافر گاڏيون به ڦاسي پيون ۽ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب مسافرن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو. صبح جو 10 وڳي کان هنيل ڌرڻو رات جو 7 وڳي ختم ڪري روڊ کوليو ويو، جنهن بعد ٽريفڪ بحال ٿي. ڌرڻي ۾ جي يو آءِ سنڌ جو اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو به پهتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو اعلان ڪيو ته جي يو آءِ پاران اڄ اليڪشن ڪميشن جي ضلعي آفيسن آڏو احتجاج ڪيو ويندو، ٻئي ڏينهن تي تعلقي هيڊڪوارٽرن جي پريس ڪلبن آڏو ۽ ان کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ٽن ڏينهن جي انهن لاڳيتن احتجاجن کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ڪراچي اچي سگهي ته ڪراچي اچي، ان کان ٻئي ڏينهن بارڊر بند ڪرڻو آهي. هن چيو ته آءُ 9 سالن کان ڪارڪنن کي چوندو پيو اچان ته انهن جو پگهر کپي پر هاڻي اوهان جو رت گهرجي ٿو. هن چيو ته اسان وڙهي ۽ شهيد ٿي سگهون ٿا پر ظالمن آڏو جهڪي نٿا سگهون. مولانا چيو ته اڄ کانپوءِ ڪو به بزدل مون سان گڏ هلي نه سگهندو، جيڪو بزدل هجي اهو گهر هليو وڃي. هن چيو ته چونڊن ۾ وڏيون ڌانڌليون ٿيون آهن ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، ڌانڌلي جو نتيجو ڏسي وٺو سڄي سنڌ جا روڊ رستا بند پيا آهن. مولانا راشد محمود چيو ته آصف زرداري اسٽيبلشمينٽ کان ڊڄندو هوندو پر اسان ان کان نٿا ڊڄون. هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ چورايو ويو، هاڻي ڏسون ته حڪومتون ڪيئن ٿيون جڙن.  ٻئي پاسي  بدين ۾ به جي يو آءِ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف مولانا فتح  محمد مهيري، مولانا محمد اسماعيل خاصخيلي، مولانا  عبدالواحد  فاروقي جي اڳواڻي ۾ ٿرڪول روڊ  پير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي نااهلي سبب سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، جمعيت العلماء اسلام جي نامزد اميدوارن کي هٿ وٺي هارائي  ڊي آر اوز پيپلزپارٽي کي مينڊينٽ ڏنو آهي. عوام طرفان ڏنل مئينڊٽ چوري ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.