لاهور(م ڊ) لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري دعويٰ ڪئي آهي ته آزاد اميدوارن جو وڏو انگ مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي رهيو آهي.هن چيو ته چونڊن ۾ عوام (ن) ليگ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، آزاد اميدوار پارٽيون ناهن، پاڪستان جي عوام ترقي جي ايجنڊا کي ووٽ ڏنو.