بلوچستان جي پٿريلي ڌرتيءَ جي ڳاڙھي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ نياڻي ماه رنگ بلوچ جنھن جي اک کلڻ سان پيءُ کي پورھيو ڪندي ڪراچي جي فيڪٽريءَ ۾ ڏٺو ھجي جنھنجي امڙ بلڪل اڻ پڙهيل ھجي، اھا نياڻي جڏھن پيءُ جي واتان ٽارچر سيلن جي اذيت خانن جون خبرون ٻڌيون ھجن ۽ وري بار بار پيءُ جون گرفتاريون اکين سان ڏٺيون ھجن بکن جا پٿر پيٽ سان ٻڌي ڊاڪٽر ٿي ھجي ان کي انقلابي ٿيڻ جو سفر ماءُ جي ٿڃ ۾ مليو ھجي ان کي ماءُ پنھنجي لوليءَ ۾ ٻڌايو ھجي ته سوشلسٽ انقلاب ۾ ڪيتريون انسان کي سھولتن ھونديون آھن ته ظاهر آھي اھا نياڻي جبلن کان وڌيڪ مضبوط ٿي نڪرڻ به گھرجي جنھن نياڻي کي پنھنجي پڙھائي جي دوران پيءُ جو چچريل لاش مليو ھجي ان نياڻي کي باغي ٿيڻ جو حق آھي ته پوءِ ھڪ نظر وجھڻ گھرجي ته آخر اھي سڀ ويڌنون رڳو مظلوم قومن سان ڇو ٿيون ٿين.
انھي جا سبب ڪھڙا آھن سڀ کان پھريئن ته نوروز خان جڏھن پھاڙن تي چڙھيل ھيو ان وقت اسٽيبلشمنٽ ايتري طاقت ور نه ھئي قرآن کڻي چيائونس ته پھاڙن تان لھي اچو اسين اوھان جا مطالبا پورا ٿا ڪريون ۽ ان جي سامھون ان کي بيھاري ان جا سڀ پٽ شھيد ڪيا ويا ۽ حڪمرانن وري سمجھيو ته نوروز خان جھڪي پوندو ھن پنھنجي شھيد پٽ جي شھپر کي مٿي ڪري چيو ته جوانن جا شھپر ڪڏھن جھڪندا ناھن. اسلام آباد جا حڪمران ان نياڻي جي جنگ کي ختم ڪري سگھندا مونکي ته ڪونه ٿو لڳي پر ايترو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جن جي ڌرتي تي ڌاري آباد ڪاري ڪرائي ويندي ھجي ۽ ڌاري آباد ڪاري جي لاءِ دنيا جون سڀ سھولتون ھجن بجلي پاڻي گئس بھترين اسڪول سيڪيورٽي روزگار جا سڀ موقعا مليل ھجن ۽ اتان جي مظلوم بلوچن کي سواءِ پٿر جي ٽڪرن کان ڪجھه به نه ھجي اتي جون عورتون ٻڪريون رڍون پالي گذر سفر ڪنديون ھجن اتي فطري عمل آھي نفرتون جنم وٺنديون آھن ۽ جڏھن بلوچستان جي ڌرتيءَ تي ھڪ ڊاڪٽرياڻي جي زبردستي لڄ ٿي لٽجي جي ته 80 سالا ھڪ پڙھو سر جو سانگھو لاھي اعلان جنگ جو اعلان ٿو ڪري ته ان وقت جي جنرل کي ڪاوڙ ٿي لڳي ته ھو ان اڪبر بگٽي کي جھازن سان حملا ڪرائي ھڪ پهاڙ ۾ شھيد ٿا ڪن ۽ لاش به وارثن کي ڪين ٿا ڏين ته پوءِ جيئن ئي اھا خبر اخبارن ۾ ڇپجي ٿي ته ملڪ جا 2صوبا مڪمل بند ٿي وڃن ٿا ۽ مختلف هنڌن تان ٿورا گھڻا احتجاج ٿين ٿا پر بلوچستان ته مڪمل ڪيترائي ڏينھن بند ٿي وڃي ٿو ته اوھان اندازو لڳايو ته ڇا اڃان به مھارنگ احتجاج نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري ان مھارنگ جڏھن پيءُ جو چچريل لاش ڏٺو ھوندو ته ان ٻارڙي جي ذھن ڪھڙا اثر ڇڏيا ھوندا وري ڪجهھ عرصي خان پوءِ جڏھن ڊاڪٽر مھارنگ کي خبر پئي ھوندي ته بالاچ خان مري کي گھر مان کڻي شھيد ڪيو ويو آھي ته ان وقت ماه رنگ جي ذھن کي باغي ٿيڻ طرف ضرور مجبورڪيو ھوندو.
ماه رنگ تربت مان پنھنجو قافلو وٺي لانگ مارچ جو اعلان ڪري نڪري پئي جڏھن اتان اھا نڪتي ته سردارن جون سرداريون ڌوڙ ٿي ويون ۽ سردار، وڏيرا، پير، مير ۽ حڪمرانن ڇرڪڻ شروع ٿي ويا ڪيترين جاين تي رڪاوٽون وڌيون ويون گرفتارين کان وٺي کيس موت مار ڌمڪيون به مليون پر عزم جي پختي نياڻي پنھنجي حوصلي کي مضبوط ڪندي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي خير بخش مري اڪبر بگٽي جي مچ جيل واري اھا گھاريل رات جي تاريخ ضرور پڙھي ھوندي ۽ اھو ليڪچر سندس رھنمائي ڪئي هوندي تڏھن ته اسٽيبلشمنٽ پنھنجا سڀ وس آزمائي پئي ڪئي پر مھارنگ جي قافلي ۾ ننڍڙيون ٻارڙين کان وٺي جھور ٻڍڙين جي زبانن مان اھي جملا ٿا ٻڌجن ته اسين پنھنجا وسائل ڪونه ٿا گھرون اسين روزگار ڪونه ٿا گھرون اسان کي رڳو جيئڻ جو حق ڏيو پر اسان کي سرڪاري خبرن مان اھو ٿو ٻڌايو وڃي ته ھي بلوچياڻيون غير ملڪي ايجنڊا تي ٿيون ڪم ڪن. ھن قافلي ۾ جيتريون به نياڻيون ويٺل آھن انھن ۾ تقريبن ھر گھر مان ماڻھو سالن کان غائب آھن ۽ حڪمران ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھن مھارنگ جي بقول ته بلوچستان م ھڪ اھڙو به قبرستان آھي جنھن قبرستان ۾ ڪوبه لاش اھڙو ناھي جيڪا ڪنھن جي وارثي ٿي ھجي يا ان لاش کي سڃاتو ويو ھجي 300 شھيد نامعلوم دفن ٿيل آھن اڃان به بلوچ نياڻيون غير ملڪي ايجنٽ آھن ته پوءِ محب وطن رڳي اسٽيبلشمنٽ آھي ته پوءِ ھنن نياڻين کي ڌمڪائڻ خوف گرفتاريون به نه جھڪائي سگھيا آھن ته وري ميڊيا به ھنن نياڻين جي خبر ھلائڻ لاءِ تيار ناھي اسين اھو به سمجھون ٿا ته انھن کي به خوف آھي ته خبرون فليش ٿينديون ته اسان جي روزي روٽي به بند ٿي ويندي پر سوشل ميڊيا وس آھر پاڻ بلوچ نياڻيون ھلائين ٿيون پيون يا وري به حامد مير پنھنجي ٽيوٽر جي ذريعي ڪم ڪري ٿو يا نياڻين کي حوصلا افزائي ڪرائي ٿو يا سنڌ مان ليفٽ الائينس جا دوست يا وري ٿورا گھڻا قوم پرست، سوشلسٽ ترقي پسند بلوچ نياڻين جي جنگ کي پنھنجي جنگ سمجھن ٿا.
جڏھن ماه رنگ جو قافلو بلوچستان جي پٿريلي زمين تي پھتو ته سندن قافلي جو جيڪو استقبال بلوچستان جي مردن توڙي عورتن ڪيو ان مان محسوس ٿي رھيو ھيو ته سردارن جون پڳون لڙھي ويون ۽ لکن جي تعداد ۾ عورتن توڙي مردن ماه رنگ کي فاتح اسلام آباد چئي پڳ ٻڌرائي ۽ بلوچڪو پٽڪو ماه رنگ کي ايترو خوب صورت لڳي رھيو ھيو جنھن مان محسوس ٿئي پيو ته نه ملڪيت نه سرداري نه جاگيرداري نه قبائلي جنگ جوٽڻ ويئي ھئي پر شھيدن جي جنازن جي مالڪي ڪرڻ گم ٿيل بلوچن جي وارثي لاءِ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي دنيا تائين پنھنجو پيغام پهچائڻ ۾ وڏي پئماني تي ڪاميابي ماڻي ، گم ٿيل ڪارڪنن جا پيرا به ظاهر ڪري آئي آھي ۽ ثابت ڪري آئي آھي ته ظالمن جي ظلم کي برداشت ڪرڻ جي اڃان به مظلوم قومن ۾ سگهھ آھي ۽ جنگ ڪنھن ٻئي موڙ طرف ويندي نظر ٿي اچي ۽ دنيا جي مظلوم قومن سان جڙندي نظر ٿي اچي سامراجي قتل غاري جي خلاف انٽر نيشنل موومينٽ سان جڙڻ طرف وڌندي نظر ٿي اچي ھن گم ٿيل بلوچن جي تصويرن مان ظاهر ڪيو ته ھي زنده انسان ھنن جي عقوبت خانن ۾ موجود آھن.
دنيا جي ڪنھن عالمي عدالت ۾ ڪو انسان دوست ڪيس داخل ڪري گرفتار ٿيل ماڻھن جي زندگي بچي پوي يا ڪا عالمي عدالت ڪا جاچ ٽيم مقرر ڪري ۽ ھن ملڪ ۾ اچي گم ٿيلن جي وارثن سان اچي ملي ۽ انھن گم ٿيلن جي رھائي ٿي پوي ۽ ماه رنگ بلوچ پنھنجي حوصلي واري جنگ کي فتح ڪري وٺي ۽ اھي پنھنجي پيارن سان اچي ملن مان سمجھان ٿو ته سنڌ جي شھيد بختاور يا مائي جندو کان پوءِ بلوچن جي وڏي ۾ وڏي منظم عورت جدوجھد جو بنياد رکي ثابت ڪيو آھي ته مرد ته عام قتل ٿيندا رھن ٿا پر جيسيتائين عورت انقلابن جي رستي تي نه نڪرندي ته انقلاب کي وڏيون تڪليفون ڏسڻيون پونديون ۽ مرد اڪثر ڪري شھادتون ماڻيندا رھندا انھي جي ڪري انقلابي جنگ جو ھڪ مورچو عورتن کي به سنڀالڻو پوندو جنھن مورچي جي بنياد ماه رنگ رکي ويئي آھي باقي ٻين مظلوم قومن ۾ به ان جي بنياد جا اثر به ضرور ظاهر ٿيندا ۽ جيئن سنڌ ۾ اختر بلوچ، حميده گھانگھرو يا سنڌياڻي تحريڪ جا بنياد ته پراڻا آھن پر بد قسمتي سان سنڌ ۾ انھن تحريڪن زخم ته سٺا پر پنھنجي جاءِ ٺاھي نه سگھيون ان وقت نه سوشل ميڊيا ھئي نه اسان جي ماڻھو ۾ ڪو اھڙو شعور ھيو جو نياڻي کي ڪا اجازت ھجي ته ڪو سياسي اسڪول ۾ وڃي ڪو ڪورس کان سوائي ڪو ڪتاب پڙھي اھا جنگ ھاڻي پنھنجا اثر وجھڻ شروع ڪري چڪي آھي ۽ ظالماڻي نظام جو پاڙون کوکليون ٿيندي نظر ٿيون اچن چھرا تبديل نه کپن نظام تبديل کپي.
ماه رنگ تربت مان پنھنجو قافلو وٺي لانگ مارچ جو اعلان ڪري نڪري پئي جڏھن اتان اھا نڪتي ته سردارن جون سرداريون ڌوڙ ٿي ويون ۽ سردار، وڏيرا، پير، مير ۽ حڪمرانن ڇرڪڻ شروع ٿي ويا ڪيترين جاين تي رڪاوٽون وڌيون ويون گرفتارين کان وٺي کيس موت مار ڌمڪيون به مليون پر عزم جي پختي نياڻي پنھنجي حوصلي کي مضبوط ڪندي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي خير بخش مري اڪبر بگٽي جي مچ جيل واري اھا گھاريل رات جي تاريخ ضرور پڙھي ھوندي.