چار عرب ملڪ فلسطيني رياست  لاءِ سرگرم

سعودي ميڊيا موجب چئن عرب رياستن مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام لاءِ اھڙا قدم کنيا وڃن، جيڪي بعد ۾ واپس نه وٺي سگهجن.مصر، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ اردن جي پرڏيھي وزيرن سان اعليٰ فلسطيني عھديدارن ملاقات ڪئي آھي.اھا ملاقات اھڙي موقعي تي ٿي آھي جڏھن آمريڪي پرڏيھي وزير انٿوني بلنڪن حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ بعد پنجون ڀيرو ھنگامي دور ڪرڻ بعد واپس موٽي ويو آھي.

عرب ملڪن جي پرڏيھي وزيرن جي ان ملاقات جي تيارين ۾ شامل ٻن سفارتڪارن جي حوالي سان نيوز ايجنسي اي ايف پي ڄاڻايو آھي تھ اھڙي ملاقات جو مقصد غزه جنگ تي بابت ھڪ گڏيل عرب موقف تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. سعودي عرب جي سرڪاري نيوز ايجنسي ايس پي اي موجب پرڏيھي وزيرن جي ملاقات ۾ غزه ۾ فوري مڪمل جنگبندي،شهرين جي تحفظ ۽ انهن کي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. سعودي ميڊيا جي جاري ڪيل خبر موجب  عرب ملڪن جي پرڏيھي وزارتي اجلاس جي ٻھ رياستي حل لاءِ اڻٽر قدمن کڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي.عرب ملڪن 4 جون 1967 کان اڳ جي حد بندي تحت فلسطيني رياست کي تسليم ڪڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آھي.جنھن جي گادي جو ھنڌ اوڀر يروشلم ھو. آمريڪا سميت  اولھھ جا ملڪ به ھن تڪرار جو ٻه رياستي حل تجويز ڪن ٿا، پر هن وقت تائين ان ڏس ۾ ڪا به ٺوس اڳڀرائي نھ ٿي سگھي آھي.

7 آڪٽوبر  تي اسرائيل تي حماس جي دهشتگرد حملي ۾ 1160 اسرائيلي شهري مارجي ويا. ان کانپوءِ اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جي عزم سان غزه ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو. غزه ۾ حماس جي نگراني ۾ ڪم ڪندڙ صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 27 هزار 840 ٿي ويو آهي. اسرائيلي فوج غزه جي ڏکڻ ۾ رفح واري علائقي ۾ فوجي اڳڀرائي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري خبردار ڪيو آهي ته اهڙي ڪنهن به قدم سان عام فلسطينين جي مشڪلات ۾ اضافو ٿيندو.

اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو هن هفتي چيو آهي ته هو رفح شهر ۾ اسرائيلي داخل ٿيڻ  جي تياري ڪري رهيو آهي. عالمي اداري جو چوڻ آهي ته  ھن علائقي ۾ ڏيڊ لک عام فلسطيني شهرين پناهه ورتي آهي، جيڪا غزه جي اڌ آبادي تي ٻڌل آهي.خطي ۾ اڳ ئي خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ آهي.  ڪنهن وڏي فوجي ڪارروائي سان عام فلسطينين شھرين جا مسئلا وڌيڪ وڌي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.