ڇا نئين حڪومت ۾ پراڻا مسئلا حل ٿيندا

تحرير: رياض ابڙو 

شيون ايتريون ته ”پِري پلان“ آهن جنهن کي داد ڏجي. ان ڪري ته جيتري ڳڻتي هن ملڪ جي مالڪن کي آهي، شايد ڪنهن ٻئي کي هجي. هتي اسٽبلشمينٽ وارا به آمريڪي ٿنڪ ٽئينڪ وانگي هن ملڪ جا لڪل هٿ آهن ۽ اهي اصلي وارث به آهن، جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان ملڪ کي هلائن ٿا. اهي سمجهن ٿا انهن جي سياست ۾ سڀ قوم پرست ٺهن ٿا پر جي نه ٿا ٺهن يا جيڪي سندن نڙيءَ جو ڪنڊو آهن ته اهي سنڌي قوم پرست آهن، جيڪي تاقيامت اسيمبليءَ ۾ نه ويهي سگهندا.

شيون ڀلي ”جنرلائيز“ نه ٿيون ڪري سگهجن پر اليڪشن جي نتيجن کي ”جنرلائيز“ ڪري سگهجي ٿو، مثال جي طور تي ته سڀ ٿلها ماڻهو ڀڄي نه ٿا سگهجن، پر ڪجھه ڊوڙندا به هوندا، ساڳي ڳالھه هتي اليڪشن جي حوالي سان ”جنرلائيز“ ڪري سگهجي ٿي ته جي چونڊون ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ جي صاف، شفاف ۽ ايماندارنا ٿي سگهن ٿيون ته سمجهو ته سموري ملڪ ۾ شفاف ٿيون هونديون، جي نه ته سموري ملڪ ۾ رڳو دٻا ڀري موڪليا هوندن ۽ فارم 45 پنهنجي مرضيءَ سان ڀري موڪيا ويا آهن. تيئن ساڳي طريقي سان ڪراچي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن دٻا ڀري نه سگهيا آهن ته انهن ضرور فارم 45 تي سکڻيون صحيون ڪري آر اوز کان مٿي موڪلائي ڇڏيون آهن (۽ پڪ ڀانئيو ته اها شيءِ به ممڪن آهي) ان ڪري ايم ڪيو ايم جهڙيون شاطر پارٽيون هن اسٽبلشمينٽ جي ڪم جون آهن. اتي اليڪشن جي آلجبرا ۾ اها ڳالھه به سمجهون ته جيڪي به ”آر اوز“ آهن، اهي يا ته يرغمال نه ٿيا هوندا، انهن کي ڌمڪايو ويو هوندو يا انهن کي ڌمڪائي ڪمپرومائيز ڪرايو هوندن ته زندگي پياري اٿوَ يا اليڪشن جي شفافيت. جنهن ڳالھه جون وڊيوز وائرل آهن ته اهي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن ڪيئن دٻا ڀري، ”آر اوز“ کي ڌمڪائي پنهنجو ڪم ڪڍي ويا ۽ هاڻي جماعت اسلامي سميت پي ٽي آءِ وارا روڊن تي رلندا ٿا وتن.

حيرت اها به آهي ته سموري ڪراچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڪيو هيو، پر اهو ووٽ دٻن ۾ رهجي ويو ۽ فارم 45 تائين نه پڄي سگهيو. يا جي پڳو به ته انهن اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجا فارم 45 پيا هيا جيڪي ڪير پڇي نه ٿو سگهي، ڪير انهن تائين پڄي نه ٿو سگهي. ڪير جيڪڏهن ڪورٽن جا در کڙڪائي به ته انهن جي اهڙي دانهن پڄندي پڄندي ڪورٽون گهٽ ۾ گھٽ چار پنج سال لائينديون جنهن ۾ نتيجا ظاهر ٿيندا پوءِ ڌيءُ يا پٽ، معني جنهن هارائي کٽيو اهو پنهنجو دور پورو ڪري ويندو.

ان ڪري ڳالهه ان پِيرَ وانگي ٿي بيهي جنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي تعويز لکي ڏنو هيو ته توکي ڌيءُ نه پٽ ڄمندو، همراھ کي جڏهن ڌيءُ ڄائي ته ان پير رڳو ڪاما کي ”نه“ کان اڳ ۾ لکي ڏنس ته توکي ڌيءُ، نه پٽ ڄمندو. ته هتي به نوازشريف ۽ زرداريءَ سان اها ڪار ڪئي اٿن، ته تون نه هي وزيراعظم ٿيندو. بهرحال، هاڻي وري رڳو پي ٽي آءِ جي دشمنيءَ ۾ ٻئي پارٽيون هڪ نئي پي ڊي ايم جي شڪل ۾ سامهون آيون ۽ وري سڀ هڪ ٿي ويا. ان ڪري ته جي نه ٿيندا ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي حڪومت جوڙي ويندا. اها ڳالھه هيئن به بيهندي ته آمريڪا (سي آءِ اي) وارا پاڪستاني اسٽبلشمينٽ کي اهو چئي طالبان تي ڏنڊو کڻائيندا آهن ته جي توهان انهن تي حملا نه ڪندوَ ته اسان آمريڪي مجبور ٿي انهن تي حملا ڪنداسين ۽ ڊرون وسائي ڏينداسين. وري ساڳي ڳالھه سي آءِ اي وارا طالبان کي به چوندا آهن ته جي توهان پاڪستان تي حملو نه ڪيو ته اسان توهان تي حملا ڪري ڏينداسين، ائين ساڳي ڳالھه هاڻي پي ٽي آءِ ۽ ان جي سامهون نئين پي ڊي ايم کي به چئي وئي آهي ته جي توهان سڀ هڪ نه ٿيوَ ته پي ٽي آءِ پنهنجي سرڪار جوڙي ويندي، جي اها جوڙي وئي ته پوءِ عمران خان کي به ٻاهر ڪڍي ويندا پوءِ اسٽبلشمينٽ جي دشمني اڌ ۾ رهجي ويندي. پر حقيقت اها به آهي ته ضمانت تي سمورو پاڪستان ٿو هلي.

ايم ڪيو ايم جي سليڪشن جي پويان جيڪي شيون سرگردان آهن انهن ۾ ارڙهين ترميم جو ختم ٿيڻ به آهي، ان ڪري ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ قيامت تائين ڪير نه ٻڌندن، اهي صوبن جي خودمختياري تي داءُ تي هڻڻ چاهن ٿا، ارڙهين ترميم جي اهڙين شقن جو خاتمو آڻين چاهين ٿا جنهن سان مرڪز کي سولائي ٿئي ته اهي سنڌ جي ساحلي پٽي تي جنهن کي چاهن آڻي سگهن. اهي گوادر کان گولاڙچيءَ تائين سموري پٽي (جيئن هاڻي 54 هزار ايڪڙ زمين پنجابين ۽ ٻين ملڪ جي سيڙپڪارن کي ڏئي ڇڏي اٿن، جنهن ۾ اهي جيئن چاهن ڪري سگهن ٿا.

اهي سيڙپڪار فيڪٽريون هڻن، اهي رهائشي اسڪيمون هڻن، اهي غيرسنڌي آباد ڪن، اهي نوان بحريا ٽائون ٺاهن، اهي سنڌين کي اقليت ۾ آڻن، اهي ملڪ دشمن اسڪيمون هلائن، اهي ڪارونجهر کي ٽوڙين، اهي ريڪوڊڪ ۽ سينڊڪ وانگي جبلن جا جبل ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين کي ڏئي ڇڏين، اهي چائينا کي ڪوسٽل ايريا لکي ڏين، اهي پي آءِ اي خانگائي ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور جون ايئرپرٽون ٻاهرين ملڪن کي ڏئي ڇڏين ته انهن جي مرضي، اتي ڪير ڪجھه به نه ڪڇي، جي ڪڇندو ته ڪرسي ڪلٽي ٿي ويندس ۽ سڌو جيل ۾ هليو ويندو.

ٿي سگهي ٿو ته عليمه خان کي عمران خان جي جاءِ تي آڻي ڪم هلائي وڃن، ان ڪري ته اسان جهڙي ملڪ ۾ موروثيت جي سياست کانسواءِ ڪو چارو ناهي، ۽ جي ناهي ته پارٽي جي حيثيت مري ٿي پئي. ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگهي پي ٽي آءِ رڳو انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي ۽ پارٽي وري ساھ پٽي ويندي، ان ڪري عسڪريت جٿي “اسپلٽ“ آهي، اتي ادارا اڃان تائين پي ٽي آءِ جو خال محسوس ٿا ڪن. اهي سمجهن ٿا ته پاڪستاني سياست اڌوري آهي، ان ڪري ضمانتون ٿي پونديون رڳو هي ٻه سال گذرن، جنهن ۾ چيف جسٽس ۽ آرمي چيف پنهنجا مدا پورا ڪري هلي پون، پوءِ ملڪ ڄاڻي ملڪ جي سياست. ٻيو بحث اهو به آهي ته آزاد اميدوارن کي رڳو مالڪن انهن ڪري به آزاد ڇڏيو آهي ته جيئن عام ماڻهو قسم کڻي سگهن ته عمران خان توڙي جو جيل ۾ آهي ۽ ان جي پارٽي ڏسو ڪيئن کٽي وئي. پر انهن کي ڪنهن به صورت ڪوليشن ۾ نه ڇڏيندا، نه ڪنهن سان اتحاد ڪرڻ ڏيندن، پر انهن مان به رڳو اهي 30 اميدوار جيڪي بلڪل آزاد آهن، اهي هنن (نيئن پي ڊي ايم) سان ملي سگهندا، جنهن سان هنن جا مري مري 169 نمبر پورا ٿيندا ۽ نئين پي ڊي ايم آرام سان حڪومت ڪري سگهندي. ان ڪري اسٽبلشمينٽ اها ڳالھه به مڃي ٿي ته ڪرپشن هاڻي ڪا حيثيت نه ٿي رکي، نه ئي ڪو ان تحت ڪو ڪيس به هلندو. ڀلا هن مهل تائين اسٽيبلشمينٽ کان ڪنهن حساب ڪتاب ورتو آ، مثال آءِ ايم ايف جا 700 ڪروڙ ڊالر ڪاڏي ويا؟ يا ملڪ جيڪي به ٽيڪس جي دولت ڪمائي ٿو اهي ڪاڏي ٿي وڃي؟ ان ڪري ڪرپش جي به ڪنهن کان پڇا نه ٿي ڪري سگهجي، اهي پاڻيءَ تي ليڪا آهن ۽ جيڪي به ڪن ٿا اهي ڪن ۽ جيڪي نه ٿا ڪري سگهن اهي پنهنجي عقل کي ميار ڏين باقي ملڪ ائين هلندو ۽ ائين ئي هلايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.