ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي ضرورت

تحرير: مسرور سيال 

8 فيبروري 2024ع جو  ڏھاڙو به گذري ويو جھڙي نموني گذريو اھو به سڀني کي خبر آھي جديد دور ۾  رابطي جي جديد سهولتن کان ڪٽ ڪيل ۽  نئين طريقي سان من پسندي کي ھٿي ڏيڻ واري انجنيئرنگ سان گذريو خير عام چونڊون ته خير خيريت سان ٿي ويون پر ملڪ جو ڪيترو خير ٿيندو اھو ساڳيو  سوال باقي آھي !

چونڊ نتيجن موجب قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آئي جا حمايتي يافته 93 آھن ن ليگ ڪجھ آزاد اميدوارن جي شامل ٿيڻ سان 77 پ پ پ 54 ايم ڪيو ايم 17 جي يو آئي ف 4 ق ليگ 3 سيٽون حاصل ڪيو، اھڙي طرح 2 ۽ 1 سيٽ واريون به پارٽيون آھن ڏسجي ته ھي چونڊ نتيجا به ملڪ ۾ بحراني حالت کي ختم نه ڪري سگھيا پر وڌيڪ اضافو ڪري ورتو آھي . پارٽي پوزيشن مان واضع آھي ته ن ليگ ، پ پ پ پوئتي رھجي ويون آھن قيدي نمبر 804 سمورين رڪاوٽن باوجود به ڪاميابي ماڻي ورتي آھي جيتوڻيڪ کائنس نشان به کسيو ويو ۽ سندن اميدوارن کي مختلف نشان ايتري تائين جو اڻوڻندڙ نشان به ڏنا ويا تنھن ھوندي به عوام جھڙي نموني کين ووٽ ڏئي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آھي ان مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته عوام ووٽ جي ذريعي واقعي بدلو ورتو آھي . پي ٽي آئي جو ووٽر ٻاھر نڪتو ۽ پاڻ ملھايو آھي .

ھاڻ ڏسڻو اھو آھي ته عوام جي فيصلي جو احترام ٿئي ٿو يا ان کي لتاڙيو وڃي ٿو ؟ جيڪڏھن احترام ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي لاءِ بھتر فيصلو ھوندو پر جيڪڏھن لتاڙ ڪئي وئي ته ملڪ بحران مٿان بحران وارا بار کڻندو رھندو جيڪي ڪنھن وڏي بحران جي صورت اختيار ڪري ڪو وڏو حادثو پيدا ڪري سگھي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي مڪمل طور مشڪوڪ بڻجي چڪي آھي خاص ڪري نتيجن کي جھڙي نموني سست رفتاري ڏني وئي ۽ نتيجن جو تبديل ٿيڻ وارو فارمولو به استعمال ٿيندو رھيو وڏي ڳالھه ته پوري ملڪ مان چونڊ نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا پر ڪراچي مان نتيجا رڪيل رھيا ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪراچي مان ايم ڪيو ايم نتيجن جي رڪجڻ تي احتجاج ڪري ھا پر تنھن ھوندي به مصطفيٰ ڪمال خالد مقبول صديقي اعلان ڪيو ته ھو 16 کان 17 سيٽون کڻي رھيا آھن ۽ اطمينان سان ويھي رھيا  مطلب ته بيلٽ پيپرن ۽ بيلٽ باڪس سندن ايجنٽن حوالي ھئا . ھي اوچتي پاليسي تبديل ٿي ان ڪري ته پنجاب ۾ عوام جون اکيون ڏسڻ کان پوءِ بيلنس ڪرڻ لاءِ ھي پاليسي ڏني وئي جنھن جي ڄاڻ ٻن وڏين پارٽين ن ليگ ۽ پ پ پ کي پڻ ھئي  .

تنھن ھوندي به پي ٽي آئي جا حمايتي يافتہ وڏي انگ ۾ کٽي آيا آھن توڙي جو انھن کي پارٽي نشان ناھي آزاد اميدوار سمجهيا ٿا وڃن ۽ کين پي ٽي ائي حمايتي يافته سڏيو ٿو وڃي .

حقيقت ۾ ڏسجي ته چونڊون پنھنجا نتيجا ڏئي ڇڏيا آھن ن ليگ لڳ ڀڳ 77 پيپلز پارٽي 54 ايم ڪيو ايم 17 سيٽون کڻي ترتيب جي حساب سان پھرين ٻين ٽين پوزيشن ورتي آھي پر پي ٽي آئي 92 سيٽن سان سڀني کي پوئتي ڇڏي آئي آھي جيتوڻيڪ پي ٽي آئي 60 سيٽن کي چيلينج ڪري رھي آھي  چيلينج کي  عدالت قبول  ڪري  جاچ ڪئي ته ڪيتريون ئي وڌيڪ سيٽون پي ٽي آئي جي حصي ۾  اچي سگھن ٿيون .

ھن وقت بحراني صورتحال اھا آھي  ته ڪابه پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاھي نٿي سگھي ان ۾ وڏو عمل پيپلز پارٽيءَ جو رھندو  جيڪڏھن ن ليگ ۽ پ پ پ گڏجي وڃن ٿيون ته حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ويندا اھڙي طرح پي ٽي آئي ۽ پ پ پ گڏجن ته وڌيڪ سگھاري حڪومت وفاق ۾ اچي سگھي ٿي مطلب ته وري به زرداري جو ڪردار حڪومت سازي  ۾سگھارو رھندو .

صوبائي اسيمبلين جي ڳالھه ڪجي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي 84 سيٽن سان واضح اڪثريت ۾ اچي چڪي آھي ٻئي نمبر تي ايم ڪيو ايم پاڪستان 28 سيٽن سان ٻئي نمبر تي  آھي جڏھن ته جي ڊي اي ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو .اھڙي طرح  سنڌ اسيمبلي پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم حوالي ٿي وئي آھي  ۽ حڪومت اڪيلي سر پ پ پ جوڙيندي .

پنجاب ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آئي حمايت يافته لڳ ڀڳ برابر  آھن 137 ن ليگ ته 116 پي ٽي آئي 220 آزاد آھن  10 پ پ پ ۽ ٻيون ننڍيون پارٽيون آزاد اميدوار آھن جتي به حڪومت ڪمزور اپوزيشن مضبوط  رھندي ، ڳالهھ ڪجي ڪي پي ڪي جي ته پي ٽي آئي واضح اڪثريت ۾ آھي جتي سندن حڪومت بنا ڪنھن سپورٽ جي ٺھڻ واضح آھي، بلوچستان. ۾ پ پ پ 11 سيٽن سان وڏي پارٽي آھي ٻئي نمبر تي  جي يو آئي ف 11  ن ليگ ۽ ٽين نمبر تي 10 سيٽن سان  آھي ھتي به پ پ ن ليگ جي يو آئي گڏجي حڪومت ٺاھيندا .

اصل رولڙو وفاق ۾ آھي وفاق مڪمل طور ورھايل آھي اڪثريتي سيٽون رکندڙن کي نظر انداز ڪيو ويو ته ملڪي بحران وڌيڪ وڌندا جيڪي نئي حڪومت کي به ھلڻ نه ڏيندا . ھتي اھا ڳالھه واضح آھي ته ھاڻ سياست جا طريقا ۽ رويا تبديل ٿيندا عوام جھڙي طريقي قيدي نمبر 804 کي سوڀ ڏني آھي ان سان سندس گراف اڳ کان به وڌيڪ چڙھيو آھي ھاڻ سندس پارٽي جي رستا روڪ ڪرڻ ڏکي بڻجي وئي آھي امڪان آھي ته ايندڙ وقت ۾ کين پنھنجو نشان به واپس ملي وڃي  ۽ پارٽي سرگرميون به بحال ٿي وڃن .

حڪومت سازي جي جيڪا مونجھاري جو شڪار ان ڪري آھي ته ڪنھن وٽ به  اڪثريت ناھي سڀ ڌريون وري به  ملڪ جي مک سگھاري قوت جي ئي چوڻ تي ھوندا . عوام جي راءِ ھن ڀيري پڻ  وزنائتي ناهي ان ڪري ته وفاق ۾ ڪنھن کي به واضح اڪثريت  نه ملي سگھي آھي ۽ حڪومت سازي ۾ وري به سياستدانن کان وڌيڪ ڳجھن سگھارن ھٿن جو عمل دخل ھوندو ۽ وڌيڪ مضبوط طريقي سان ھوندو .

پارٽي پوزيشن مان واضح آھي ته کين مفاھمت واري پاليسي تي ھڪ دفعو ٻيھر ھلڻو پوندو ان ڪري  واري بندي واري پاليسي به ھلي سگھي ٿي جئين نواز شريف بلوچستان ۾ ھلائي ھئي ممڪن آھي ڪجھه وقت جي لاءِ شھباز شريف ۽ پوءِ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم جي ڪرسي تي  ويھاريو وڃي . ايوان صدر ته آصف زرداري حوالي ھوندو ممڪن آھي زرداري ڪو نئون فارمولو تيار ڪري ۽ نئين حڪومت ۽ اسيمبلي کي مدو پورو ڪرائڻ لاءِ پنھنجون خدمتون  سياستدانن ۽ ڳجھن سگھارن ھٿن کي ڏئي جنھن جو ھو ماھر پڻ آھي .

ان جي باوجود به سندن مھارت ملڪ لاءِ خاص ڪم جي نه ھوندي ان ڪري ته بحران ساڳيا رھندا مھارت حڪومت سازي ۽ حڪومت بچائڻ ڪيرائڻ يا مدو پورو ڪرڻ لاءِ آھي نه ڪي ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ آھي. ھن وقت حڪومتون ٺاھڻ ڪيرائڻ ۽ بچائڻ کان وڌيڪ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ خوشحالي ڏيارڻ وارن ماھرن جي ضرورت آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.