ھتي ڇا ڇا تي ماتم ڪجي ؟

تحرير: امتياز عالم

نھ آزاد چونڊ مهم ھلڻ ڏني وڃي ٿي، نھ ئي شفاف چونڊون ٿيڻ ڏنيون وڃن، چونڊ نتيجا چوري ٿي ويندا آھن، پوءِ عوام جي ووٽ جي حق  سان ھٿ چراند ڪري، ضرورت مطابق حڪومتون پڇ ڪٽيل گماشتي حڪومتن کي مسند تي ويھاريو ويندو آھي.نتيجي ۾ عوام جو ووٽ جي ڪرشمي سازي تان اعتماد ختم ٿيندو وڃي ٿو. اهڙو ئي حال 2024 جي ڏڪندڙ سياري ۾،سياسي جوش،جذبي ۽ نظرياتي بحثن کان عاري هڪ طرفي مسواڙي ماڻھن جي ميڙ واري چونڊ مهم سان ٿيو آھي.جنهن جي حيران ڪندڙ پر رات جي دير سان گھڙيل نتيجن سان پئدا ڪيل حڪومتي سازي جا معما آھن.جيڪي پنھنجي شرمندگيءَ کي ايندڙ ڏينهن،ھفتن ۽ سالن ۾ ظاھر ڪندي رھندي۽ ڪٺ پتلي تماشو جاري رهندو.جيڪا جمھوري ٽرانزيشن 2008ع ۾ ميثاق جمھوريت جي بنياد تي شروع ٿي ھئي اھا 2024 جي چوٿين چونڊن تائين پھچندي پھچندي پنھنجو جمھوري دم وڃائي چڪي آھي.

جنهن جي شروعات  2018ع جي انجينئرڊ چونڊن ۽ ان جي نتيجي ۾ قائم ٿيل پھرين  هائبرڊ حڪومت ۽ ان جي بحران  تي پوري ٿي.بجاءِ ان جي جو پھرين ھاءِبرڊ حڪومت جي ناڪام ۽ تلخ نتيجن مان سبق سکيو وڃي ھا،بار بار غلطي ورجائن واري ڳالھه جيان، ساڳئي هائبرڊ سسٽم ماڊل کي ھاڻي وري  وڏي پئماني ھائبرڊ نظام ٻئي جي صورت ۾ دھرايو پيو وڃي. پر پنجاب جي ڪاوڙيل نوجوانن ۽ خيبرپختون خواهه جي غيور عوام سڄي هڪ طرفي چونڊ عمل کي اونڌو ڪري ڇڏيو.اھڙي ووٽنگ کان اڳ جي سياسي انجنيئرنگ ڪئي وئي يا وري هڪ طرفي غير جمهوري چونڊ مھم جي اجازت ڏني وئي، جيڪا شايد اسٽيٽ آف مارشلا رول ۾ هنن گنهاهگار اکين اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. تحريڪ انصاف جي ليڊرعمران خان ۽ سندس لڳ ڀڳ سمورا سينيئر ساٿي گرفتار يا روپوش ٿي ويا،پوءِ هڪ دفعي وري هڪ ٻئي اڳوڻي وزيراعظم کي باغي، بدعنوان ۽ اخلاقي طور ڏيوالي قرار ڏيارڻ جي لاءِ جيل ۾ ئي ڪينگرو ڪورٽون لڳايون ويون ۽ تڪڙ ۾ ھڪ پويان ٻئي ڪيس ۾ کيس 31 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

سندس مقبول پارٽيءَ  رڳو پنهنجي چونڊ نشان کان محروم نھ ڪئي وئي پر ووٽ وجھندڙن جي وڏي انگ کي گمنام نشانن جي برسات ذريعي گمراهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي. ان جي اميدوارن کي اظهار جي آزادي، جلسن جي آزادي ۽ سمورن شهري حقن کان محروم ڪيو ويو. نھ پارٽي اڳواڻ جو نالو کڻي سگھجي پيو ۽ نه ئي سندس تصوير ڇاپڻ جي اجازت ھئي.نھ پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي اجازت ھئي ۽ نه ئي چونڊ جلسي منعقد ڪرڻ ممڪن ھو. ڪيترن ئي هنڌن تي اميدوارن کي چونڊن کان علحدگيءَ  اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو ھو ۽ ايتري قدر جو پارٽي کي نه رڳو اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون، پر ڪيترن ئي هنڌن تي اھا گمراهه پڻ ٿي وئي ۽ اهڙا اميدوار به چونڊيا ويا، جيڪي چونڊجڻ بعد پارٽيءَ تان ھٿ کڻڻ جو ڳجھن ھٿن کي حلفيھ بيان بھ ڏئي چڪا آهن.

اليڪشن مهم کي ملتوي ٿيڻ جي غير يقيني صورتحال جو شڪار ڪيو ويو.سڀ کان وڏي پارٽيءَ لاءِ  چونڊ مهم جا دروازا بند ڪيا ويا ۽ نتيجي ۾ مخالف جماعتن جي مھم جي ٿڌي ٿيڻ سان چونڊ مھم کي نھ رڳو عوامي جوش کان محروم ڪيو ويو.بلڪھ ان کي ھر طرح  جي سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ نظرياتي بحث مباحثي کان به محروم ڪيو ويو. انهيءَ مهم جي ٻي وڏي پارٽي نواز ليگ سياسي سنڊپڻي جي انتھا ڪري ڇڏي.هو تھ چونڊ وڙهڻ کان سواءِ ميان نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائي، پنهنجي سياسي چلھيءَ کي ٿڌو ڪري ويھي رهي، جنهن ڪري چونڊ مهم صفا بند ٿي وئي. رڳو بلاول ڀٽو ئي ھڪ عوامي منشور پيش ڪري سگهيو ۽ پنهنجي ملڪ گير مهم هلائي سگهيو، پر سندس مخالف مسلم ليگ (ن) ان جي باؤنسرز کي هوا ۾ اڏڻ ڏنو.جنھن کي ڪرڪيٽ ۾ ويل ليفٽ چئجي ٿو.ائين لڳي رهيو هو ته جھڙوڪر مولانا فضل الرحمان جي سيٽي ڪٿي گم ٿي وئي ۽ قومپرستن کي سياسي ميدان مان ٻاھر اڇلايو ويو آهي جيئن بلوچستان ۾ ڪيو ويو هو.

چونڊن جي حشر واري ڏينهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تھ حشر نشر ٿي ويو. انتظاميه جي اعليٰ فيصلن ڪندڙن سوچيو تھ گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن واري ڏينهن تھ چونڊن جو ڀرم رکيو وڃي.جو کين يقين ھو تھ  پي ٽي آءِ جا ھٿ پير اھڙو ٻڌا ويا آھن،جو مايوسي جي گمنامي ۾ لڪل نوجوان ڪٿان وڏي انگ ۾ ووٽ وجھڻ لاءِ ٻاھر نڪرڻ جي جرئت ڪندا.

"بس اها غلطي” ھئي جيڪا ڳچيءَ ۾ پئجي  وئي. نوجوان، عورتون ۽ بزرگ ايتري وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪتا جو مسلم ليگ (ن) جي پنجاب جي مضبوط قلعي مان ٻھارو ڦري ويو.پوءِ امڪاني چونڊ نتيجن سان سمورا منصوبا  پوئتي  رھجي وڃڻ جو اھڙو خدشو پئدا ٿيو جو چونڊ جا نتيجا سست ٿيندي ٿيندي موبائل سروسز تي ڊگھي بندش جي خاموشي ۾ ڪٿي گم ٿي رھجي ويا ۽ هر طرف ڌانڌلي جو گوڙ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو آھي.

ھن لکڻ تائين تحريڪ انصاف پختونخواهه ۾ وڏو مينڊيٽ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ پنجاب سميت وفاق ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي. نواز ليگ هارس ٽريڊنگ ڪري پنجاب کي مشڪل سان بچائي سگهندي،پيپلز پارٽيءَ سنڌ ۾ پنهنجي برتري برقرار رکندي سڄي ملڪ ۾ ڪٿي نه ڪٿي وفاقي پارٽيءَ طور پنهنجي موجودگيءَ جو ثبوت ڏنو آھي. بھرحال  ڪراچي ۾ لڳي ٿو تھ متحده قومي موومينٽ کي اهي سڀئي گفٽيڊ تڪ واپس ڪيا ويا آھن.جيڪي انهن کان ورتا ويا هئا پر تمام گهٽ ووٽن جي بنياد تي.

هاڻي رڳو ٽي چار ئي رستا آھن.جيڪڏھن پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ڪري مخصوص سيٽن ۾ اڌ جا حقدار بڻجي وفاق ۽ خيبرپختون خواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پنھنجي پھرين حق جي گھر ڪن ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا.جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته ميان نواز شريف جي وسيع البنياد حڪومت جي تجويز تي سڀئي ملي ڪري غور ڪريون، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جي بلاڪ کي به ضرور شامل ڪيو وڃي، پر ان لاءِ پي ٽي آءِ لاءِ عام سياسي معافي جي شرط کي اعتماد سازي جي لاءِ اپنائڻو پوندو.

ٻي صورت ۾ ميان صاحب جي تجويز اڳتي نه وڌندي. اھو ٻڌائڻ ضروري آهي ته نواز شريف وڪٽري اسپيچ ڪري خود فريب جو مظاھرو ڪيو آھي تھ سندس پارٽي ونر ناھي پر   پر رنر اپ آهي. چونڊن جو مينڊيٽ مليو آھي تھ تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي کي مليو آهي. پنجاب ۾ به مسلم ليگ ن هارس ٽريڊنگ جي زور تي حڪومت ٺاهيندي. ٽيون آپشن خوفناڪ آهي ته ھاڻي وفاقي حڪومت جي قيام۾ھارجي ويل ۽ خريد ڪيل گهوڙا گڏ ڪري هڪ وسيع هائبرڊ حڪومت جو اصطبل ٺاهيو وڃي.

ان سان جيڪو سياسي بحران، عمران حڪومت خلاف آئيني پر اسپانسرڊ بي اعتمادي سان شروع ٿيو. ھو جاري رھندو ۽ سياسي استحڪام نھ ھوندو، ان سان وري معيشت بھ متاثر ٿيندي.

چونڊن جي حشر واري ڏينهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تھ حشر نشر ٿي ويو. انتظاميه جي اعليٰ فيصلن ڪندڙن سوچيو تھ گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن واري ڏينهن تھ چونڊن جو ڀرم رکيو وڃي.جو کين يقين ھو تھ  پي ٽي آءِ جا ھٿ پير اھڙو ٻڌا ويا آھن،جو مايوسي جي گمنامي ۾ لڪل نوجوان ڪٿان وڏي انگ ۾ ووٽ وجھڻ لاءِ ٻاھر نڪرڻ جي جرئت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.