سياسي ڌريون جمھوريت کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچن

عام چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي وڏي شڪست آئي آھي، بظاھر پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت رکندڙ آزاد اميدوارن کي مليل ڪاميابي اينٽي اسٽيبلشمنٽ ڪاميابي قرار ڏئي سگھجي ٿي.

نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگيءَ تي شروع کان ئي سوال اڀري رھيا ھئا.چونڊن کان اڳ ۽ چونڊن کان بعد جي صورتحال سان ملڪ ھڪ ڀيرو وري بھ ڏکي صورتحال مان گذري رھيو آھي.اھو چيو پئي ويو تھ انٽرنيٽ بند ھئڻ باوجود نتيجن تي ۾ دير نھ ٿيندي پر ٿيو ان جي مڪمل ابتڙ آھي.جنھن ڪري تمام گھڻا سوال پئدا ٿي رھيا آھن.جيڪڏھن نتيجن ۾ دير نھ ڪئي وڃي ھا تھ گھڻو بھتر ٿي پئي سگھيو پر ائين نھ ڪندي، ملڪ ۾ نئين بحران کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.جنھن ڪري ھن وقت سموري ملڪ ۾ چونڊن جي شفافيت تي گوڙ ٿي رھيو آھي.

اھا بھ عجيب ڳالھه آھي تھ ٻھ ڏينھن گذري وڃڻ باوجود چونڊن جا مڪمل نتيجا پڌرا نھ ڪيا ويا آھن.ان جو سموري ملڪ توڙي دنيا ۾ گھڻو منفي تاثر ويو آھي.جنھن کي زائل ڪرڻ ڪو آسان نھ ھوندو.

ھاڻي بھ جيڪڏھن اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏي ۽ ان سان گڏ ئي اعتراض ڪندڙن اميدوارن جي شڪايتن جي تدارڪ لاءِ اليڪشن ٽربيونلز جوڙي تھ بھ گھڻو دٻاءَ گھٽجي سگھي ٿو، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ حڪومت مشينري جي نا اھلي ظاھر ٿي رھي آھي،جنھن جو بھرحال ملڪ توڙي عوام کي ئي نقصان ٿي رھيو آھي.

قومي  اسيمبلي جي سيٽن جو  نتيجو اڃا رھيل آهي. پر ھن وقت پارٽي پوزيشن موجب آزاد اميدار 100 سيٽون کٽي اڳڀرا آهن، ن ليگ 77 پيپلز پارٽي 54 ، ايم ڪيو ايم پاڪستان 17، ق ليگ ۽ جي يو آءِ 3،3 سيٽون حاصل ڪيون آهن. استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ ضياءَ، اي اين پي، بي اين پي ۽ ايم ڊبليو ايم جي 1،1 سيٽ آهي.

چونڊ نتيجن جي اعلان ۾ دير شڪ وڌايا آهن، پر سياسي اڳواڻن جو ڪم هجڻ گهرجي ته اهي شڪ ختم ڪري قوم جي اڳواڻي ڪن. انهن کي وقتي سياسي فائدي کان اڳ صورتحال کي خراب ٿيڻ بدران سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.اھو قبولڻ ۾ ڪو حرج نھ ھئڻ گھرجي تھ اسٽيبلشمينٽ حڪومت سازي جي عمل ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهي.70 سالن جون غلطيون هڪ ئي اليڪشن ۾ درست ٿي نٿيون سگھن.ڪنھن اٻھرائي سان عوام کي هڪ ٻئي جي خلاف بيهارڻ ۽ سياسي بحران کي وڌائڻ جي ڪنھن مھم سان اسٽيبلشمينٽ ڪمزور ٿيڻ بدران مضبوط ٿيندي ۽ ان سان عام چونڊن وارو مقصد ختم ٿي ويندو.جنھن ڪري سياسي بلوغت جو مظاھرو ڪندي بھتر  ۽ ھاڪاري رستو اختيار ڪيو وڃي.

ٽنهي وڏين پارٽين کي چونڊ نتيجن ۾ ڀرپور حصو مليو آهي. چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف خلاف ٿيندڙ ناانصافين کان انڪار ممڪن ناهي. ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته تحريڪ انصاف لاءِ سياسي رستو ڏکيو بڻايو ويو ھو. اهڙين حالتن ۾ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ 100 سيٽون حاصل ڪري وڏو ميدان ماريو آھي.ان کي عمران خان يا تحريڪ انصاف جي ڪاميابيءَ بجاءِ عوامي شعور جي ڪاميابي پڻ چئي سگھجي ٿو.

چونڊن ۾ عوام ڪافي حد تائين سياسي پختگي جو ثبوت ڏنو آهي.پر ڪي سياسي ڌريون انھن نتيجن جي آڌار تي مفاهمت بدران تڪرار جو ڪو باب کولڻ چاهين ٿيون ته اهو رويو عوامي حڪمراني جي بجاءِ چونڊ عمل کي ڪمزور ڪرڻ ۽ غير چونڊيل عنصرن کي مضبوط ڪرڻ  جي واٽ ھوندي،جنھن سان جمھوريت ڏانھن ويندڙ رستو سوڙھو ٿيندو ويندو.

پاڪستان جهڙو سماجي نظام ۽ تعليمي صلاحيت رکندڙ ملڪ ۾ چونڊن جي شفافيت سئوسيڪڙو نٿي ٿي سگهي.پر ان آڙ ۾ جھڙي تھڙي نظام کي ناس ڪرڻ  بھ سياسي ڏاھپ نھ ھوندي. جمهوري عمل کي جاري رکڻ لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون  ۽ سھڪار جي گھرج آھي.جنهن سان غير جمهوري طاقتن کي سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ملندو.

8 فيبروري تي ٿيل چونڊون ملڪ جي موجوده حالتن ۾ بھتر هيون، جن کي قبول ڪري ملڪ ۾ جمهوريت کي اڳتي وڌڻ گهرجي.ٽنهي وڏين پارٽين کي مناسب نمائندگي مليل آهي. تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه، مسلم ليگ (ن) پنجاب ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آھن.ڪي به ٻه پارٽيون مرڪز ۾ مضبوط حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون.

اليڪشن جو سڀ کان اهم پهلو ھي آهي ته مذهبي گروپن کي خاصي نمائندگي نه ملي آھي.انتهاپسند مذهبي گروهن جي ناڪامي به عوامي شعور جي ڪري ئي ممڪن آهي.چونڊن ۾ٽن وڏين پارٽين جي سوڀ ملڪ ۾ جمهوري نظام جي ڪاميابيءَ لاءِ هي بھتر آھي.

پارلياماني جمهوري نظام ۾ جيڪڏهن ٽي سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي برابر هجن ته اهي چيڪ اينڊ بيلنس جو بهتر نظام جوڙي سگهن ٿيون ۽ ملڪ ۾ هڪ بهتر ۽ ذميوار حڪومت قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.تحريڪ انصاف جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهي ته اها مضبوط حڪومت هوندي، پر 75 سيٽن سان مسلم ليگ (ن) اپوزيشن ۾ آهي ته هو پيپلز پارٽيءَ جي غلط فيصلن جي نشاندهي ڪري سگھندي. اها حڪومت کي مجبور ڪري سگهي ٿي ته هو مناسب ۽ عوام دوست پاليسي ٺاهي. اهڙي طرح جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏجي حڪومت جوڙين ٿيون تھ تحريڪ انصاف مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن ٽي پارٽيون هڪ ٻئي جي مينڊيٽ کي قبول ڪن ۽ هڪ پارٽي جي حق ۾ ڏنل ووٽن کي جائز نه سمجهن. اليڪشن ۾ هر ووٽ قيمتي هوندو آهي ۽ هر چونڊيل اسيمبلي ميمبر جو احترام ٿيڻ گھرجي.جيڪڏهن انهن ٽنهي پارٽين جي قيادت عقلمندي کان ڪم وٺندي ۽ جمهوري عمل کي مضبوط ڪرڻ ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري تھ ان صورت ۾ ئي اھو ممڪن ٿي سگھي ٿو.پر هڪ ٻئي کي چور سڏڻ جو سلسلو جاري رهيو ته ان جي نتيجي ۾ جمهوريت ڪمزور ٿيندي ۽ اسٽيبلشمينٽ مضبوط ٿيندي.

وقت جي گھرج تھ اھا ئي آھي تھ سمورين سياسي ڌرين کي ڪشادھ دلي ۽ سياسي بلوغت جو مظاھرو ڪندي ملڪ ۾ جمھوري عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنھنجا اختلاف وساري پاڻ ۾ ملڻ گھرجي،جئين ملڪ اڳتي وڌي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.