راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي واقعن بابت راولپنڊي جي مختلف ٿاڻن ۾ داخل 12 ڪيسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جون ضمانت واريون درخواستون منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. انهن ڪيسن ۾ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس به شامل آهي. عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي هڪ هڪ لک ۽ 5، 5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهو حڪم انهن ڪيسن ۾ آزاد ٿيل جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي مليل ضمانتن کي نظر ۾ رکندي ڏنو آهي.