چونڊ نتيجن تي قوم کي واڌايون، عوام نظريي ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺو آهي: عمران خان

راولپنڊي ( م ڊ  ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجي وڪيلن ذريعي پيغام ڏنو آهي ته وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهينداسين، قوم سان جيڪو ٿيو ان کان وڌيڪ نه ٿيڻ گهرجي، جن تڪن ۾ نتيجا تبديل  يا ويا اتان جا اميدوار نڪرن ۽ پرُامن احتجاج رڪارڊ ڪرائين. عمران خان سان جيل ۾ سندس وڪيلن عمير نيازي ۽ بئريسٽر سلمان صفدر ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل عمير نيازي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان قوم کي اليڪشن نتيجن تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چيو آهي ته قوم نظريي ۽ جهموريت سان گڏ بيٺي آهي، 1970ع کانپوءِ پهريون ڀيرو عوام ايڏي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي. وڪيلن موجب، عمران خان پنهنجي پيغام چيو ته پي ٽي آءِ وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهيندي. پي ٽي آءِ باني ملڪ جي سڀ کان وڏي اداري کي اپيل ڪئي آهي ته قوم سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کان وڌيڪ نه ٿين گهرجي، جن تڪن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن اتي سندن اميدوار سڀاڻي نڪرن پُرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائين ڇو ته جهموري عمل ۾ ووٽ جي عزت آهي، ووٽ چوري ٿئي ته احتجاج ڪيو. وڪيلن موجب، عمران خان چيو ته اسان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، سياسي عدم استحڪام نه هجڻ گهرجي، پاڪستان کي بند گهٽي ۾ نه ڍڪيو وڃي، پري پول ڌانڌلي ۽ ادارن کي استعمال ڪيو ويو، ادارا ڪمزور ٿي چڪا آهن، نواز شريف سدائين حڪومت کي بئنڪ ڪرپٽ ڪيو، پا پنجاهه سيٽن وارو فتح جو اعلان ڪري سگهي ٿو؟ پي ٽي آءِ جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.