پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ عاطف خان وڏي وزير لاءِ 2 نالا جمع ڪرائي ڇڏيا. 2024ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوارن اڪثريت حاصل ڪئي، جنهن ۾ اڪثريت کي پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پشاور ۾ پي ٽي آءِ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عاطف خان وڏي وزير لاءِ ٻه نالا پيش ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عاطف خان وڏي وزير لاءِ ظاهر شاهه طورو ۽ طارق محمد جا نالا تجويز ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جو عهدو نه ملڻ جي صورت ۾ ظاهر شاهه طورو ۽ طارق محمد کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو.