سنڌ ھاري ڪاميٽي چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا

حيدر آباد( پ ر) سنڌ ھاري ڪاميٽي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۽ نتيجن کي رد ڪري ٿي ھي چونڊون بوگس آھن عوام سان وڏو دوکو ٿيو آھي اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پريس بيان جاري ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته ھن چونڊن ۾  ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ڌاندلي ڪئي وئي آهي اھڙي ڌانڌلي تاريخ ۾ ڪڏھن نه ٿي آھي عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏو نقصان پھچايو آھي اگر اھڙي اليڪشن بدران سليڪشن ڪرائڻي ھئي ته پوء چونڊن جي ضرورت نہ ھئي عوام جي وقت ۽ پئسو ضايع ڪيو ويو سنڌ ۾ چونڊ نتيجن کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا منھجي تڪ پي.ايس 64 تي آءٌ شڪست قبول ڪريان ٿو پر چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويا پي.ٽي.آئي کٽيو پر ھڪ لساني تنظيم کي سيٽ ڏني وئي جنھن سان انتشار پيدا ٿيندو اسين ھن اليڪشن کي رد ڪريون ٿا ۽ اسين سمورين سنڌ دوست پارٽين کي گڏ ڪري تحريڪ ھلائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.