جنھن اليڪشن جي ٿيڻ تي وڏا شڪ شبھا ڪيا ٿي ويا آخر اھا 8فيبروري 2024 تي ملڪ جي 12 اليڪشن طور ٿي وئي جنھن ۾ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن زياده سيٽون کٽيون آھن پر تنھن ھوندي ھن اليڪشن ۾ ڪنھن به ھڪ پارٽي کي ڪا حتمي اڪثريت حاصل ڪانه ٿي سگھي آھي جيڪا بنا ڪنھن کي گائڻ منٿون ڪرڻ جي اڪثريت سان حڪومت ٺاھي يا ايئن کڻي چئجي ته ڪا ھڪڙي پارٽي ھجي جيڪا اڪيلي مرڪز ۾ حڪومت ٺاھڻ جي ڪابل ھجي انڪري اھا ڳالهھ سئو فيصد پڪي ٿي پئي آھي ته ھي ايندڙ حڪومت به گڏيل ٺھندي اھا ڪيتري مضبوط ھوندي ملڪ کي ھن بحران مان ڪيترو ڪڍي سگھندي، نواز شريف ملڪ کي پيرن تي بيھڻ لاءِ ڏھن سالن جي وقت گھربل ھجڻ جي دعوا ڪري ٿو ان لاءِ آصف علي زرداري ان ڪوشش ۾ لڳل آھي ته ملڪ جلد ترقي جي دڳ تي چڙھي ھو چاھي ٿو نوجوانن جي بيروگاري ختم ڪندس، ھو چاھي ٿو نواز ليگ يا آزاد اميدوارن کي ملائي حڪومت ٺاھي، ان کان اڳ نواز شريف پارٽين کي دعوت ڏني آھي ته اچو ساڻس گڏجو جيئن گڏيل حڪومت ٺاھيون پي ٽي آءِ آزاد گروپ قومي جون زياده سيٽن کٽڻ سان مرڪز ۽ ڪي پي ڪي پنجاب ۾ حڪومت ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي،جيڪا زياده اڪثريت واري ڌر آھي ان ڳالهھ کي ڏسجي ته اھا به حقدار آھي پر ان کان اڳ ان ڪم تي آصف علي زرداري اڳي لڳو پيو آھي ھو اليڪشن جي نتيجن جي نڪرڻ کان اڳ اسلام آباد ويو ھو اتي ھن پنھنجي ڪوششون ڪيون آھن بظاھر لڳي ايـئن ٿو ھن ڪافي ڪجهھ ڪيو آھي پر تنھن ھوندي ھو نواز شريف جي ڳالھ تي شھباز سان لاھور ۾ مليو آھي جتي ڊار ۽ مولانا فضل رحمان ان ميٽنگ ۾ ٻين سان گڏ ويٺل نظر اچن ٿا.
ٻئي پاسي بلاول ميڊم فريال ٽالپر به لاھور ويل آھن،معلوم ٿيو آھي آصف علي زرداري ن ليگ اڳيان اھو شرط رکيو آھي ته بلاول کي وزير اعظم ڪريو صدر ن ليگ جو ھجي ايئن باقي عھدا گڏيل طريقي سان ويرھائي ڏيون نواز شريف جي طبيعت مان سڀڪو واقف آھي ٻي ڳالهھ ھو وڏي آسري تي آيو آھي سو قطـعي طور راضي نه ٿيندو ان کان پوءِ آصف علي حق بجانب ھوندو ته پي ٽي آئي جي حمايت آفتا اميدوارن سان ڳالھائي حڪومت ٺاھي ان ڪري ھو وري اسلام آباد وڃي آزاد اميدوارن ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهائيندو آصف علي زرداري اڳيئي پاڪستان جي سياست ۾ مفاھمت جو بادشاهه آھي انڪري ھو قطعي طور ڪو موقعو نه وڃائيندو پر ٻئي طرف ن ليگ سان ٿيل ڳالھه ٻولھه ھن جوآخري آپشن شايد نه ھجي ھو ن ليگ سان ڳالھين جو دروازو مڪمل بند نه ڪندو جيڪو کليل رکندو اھائي ڪوشش ھوندي مرڪز ۾ گڏجي حڪومت ٺاھي، ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي حمائتي آزاد اميدوارن جو سٺو تعداد آھي انھن کي نگران حڪومت 72 ڪلاڪن اندر پنھنجي پوزيشن واضع ڪرڻ جو چيو انھن جن جي ميٽنگ ٿي آھي ڪوشش بظاھر ايئن لڳي ٿي ھو ٻين آزادن ۽ ايم ڪيو ايم جھڙي پارٽي کي ملائي حڪومت ٺاھڻ جي خواھش رکندا ھجن جيڪا ڳالھه عمير نيازي اڊيالا جيل اڳيان ڪري ٿو ٻئي پاسي پي ٽي آئي وارا نواز شريف جي مينڊيٽ تي ھينئر کان اڱـريون کڻي رھيا آھن سندس مختلف کٽيل سيٽن کي شايد اڳتي ھلي ڪورٽ ۾ چيلنج ڪن ڇوته ھن مان تاثر اھو ٿو ملي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آئي ھڪ ٻئي جا سخت ترين مخالف آھن ان ڪري اھي مستقبل قريب ۾ ڪٿي پري تائين گڏجي حڪومت ٺاھڻ لاءِ نظر نٿا اچن.
ٻئي طرف نوازشريف شھباز شريف کي جيڪو ٽاسڪ ڏيئي ڇڏيو اٿس، ان تي بلاول ڪيترو سھمت ٿيندو ڇا ھو چاھيندو ته وزير اعظم ن ليگ جو ھجي پاڻ پراڻي عھدي تي اچي يا آصف علي زرداري کي صدارت ملي ته اھو ڪافي سمجھي ماٺ ڪري، ھن کي خبر آھي ۽ اھائي ڳالهھ ڪندو آيو آھي ته ن ليگ جي شھباز شريف واري ماضي جي 16.مھينن واري دور حڪومت جيڪا مھانگائي آندي ھئي ان غريب جو چلھو اجھايو ڇڏيو ھو ان مھانگائي جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي نٿو ملي. تازو سندس پارٽي جي اھم رڪن عطا تارڙ کان بلاول شايد ناراض ھجي جنھن بلاول جي نالي چيو ھو ته کيس ھتان ڀڄايوسين پر ڪراچي مان ڀڄائينداسين ڇا پوءِ بلاول کي اھا ڳالھه ڏکي ڪانه لڳي ھوندي ڪجهھ تجزيا نگارن جو خيال آھي ته ھتي ھجڻ ايئن کپي ھا جو نواز شريف بجاءِ شھباز شريف کي ٽاسڪ ڏيڻ جي پاڻ بلاول سان ڳالھائي ھا ڇوته بلاول پارٽي چيرمين آھي پر اھو آھي وڏي ھجڻ جي حيثيت ۾ آصف صاحب جي ڳالھه به وزن واري ھوندي، خير اھا اليڪشن ھئي جنھن جي ڪيمپن دوران ٻنھي پارٽين جي ليڊر شپ ھڪ ٻئي جي خلاف ڪافي ڪجهھ تقريرن ۾ ڳالھايو پر جيڪا ٻولي رسا ڪشي اليڪشن کان پوءِ ختم ٿيڻ گھرجي آھي ان کي عطا تارڙ بلاول کي ھتان ڀڄائي ڪڍڻ جو بيان ڏيئي وڌايو آھي، ان ڪري نواز شريف کي گھرجي ھا ھو سڌي طرح فريقن سان ڳالھائي ھا ھن وقت پي ٽي آئي حمايت آفتا آزاد اميدوارن وٽ 91 سيٽون آھن انھن کان علاوہ 8 ٻيا آزاد اميدوار آھن ايم ڪيو ايم جي 15 سيٽن کي گڏائي پوءِ به حڪومت ٺاھي ڪانه سگھندي اتي پ پ کي فل چانس آھي ھو آزاد اميدوارن مينگل پارٽي ايم ڪيو ايم کي گڏائي حڪومت ڪري سگھي ٿي پر اھا ڳالهھ ڪجھه لڪل ھٿ الائي قبول ڪندا يا نه؟ جيڪو بظاھر نمونو ڏسجي ٿو ھو ان ڳالھه تي بيھندا ته نواز شريف اچي حڪومت ڪري ان سان گڏ پ پ ھجي ۽ کوٽ پوي ته ٻين پارٽين کي ملائي حڪومت ٺاھين ان ڪري 69 سيٽون نواز ليگ جون 52 پ پ جون 15 ايم ڪيو ايم جون ملائي 136 سيٽون ٿين ٿيون جڏھن ته سادي اڪثريت لاءِ 134 سيٽن جي ضرورت ھوندي آھي پر جيڪڏھن پ پ آزاد اميدوارن جون 91 سيٽن کي پنھنجي 52 سيٽن سان ملائي ته143 جو نمبر ٿئي ٿو انڪري ھو حڪومت ٺاھي سگھي ٿي پر آزاد اميدوارن سان پ پ ۽ ن ليگ کي اجازت ملندي اھو به ھڪ سوال آھي بظاھر نواز پي ٽي آئي ته ڪڏھن به ڪونه گڏبا انڪري اھي باقي ٻئي ڪنھن به پارٽي سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاھي سگھن ٿا مثال طور ايم ڪيو ايم، جا 15،قاف ليگ جا 3، نان پي ٽي آئي آزاد اميدوارن جا 8 ۽ 5 ٻيا گڏائي حڪومت ٺاھي. سگھي ٿي پر ان ۾ ڪافي رڪاوٽون آھن ان ڪري ھو اھو ڪم شايد نه ڪري سگھن ان ڪري پ پ يا نوازليگ ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاھي سگھندا ممڪن آھي ايندڙ حڪومت عوام کي ھن مھانگائي مان نجات ڏئي ملڪ ترقي ڪري نوجوانن کي نوڪريون روزگار ملي.