هاڻي عوام سان ڪيل واعدن کي وفا ڪرڻ جو وقت آهي

تحرير: آزاد اي رحمان سپڙو

حسب روايت چونڊون کٽندڙ اڪثر ماڻهو پنهنجي ڪاميابي کي جهموريت جي فتح ۽ عوام جي خدمت جي عيوض ڪامياب ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي رهيا آهن ۽ پر ٻئي طرف چونڊون هارائيندڙ ماڻهو هميشه جيان چونڊن کي بوگس ۽ جعلي قرار ڏئي رهيا آهن.

جيڪا ڳالهه مناسب آهي يا نه اهوئي حق الڳ بحث آهي جنهن تي مفصل طور تي لکڻ جي ضرورت آهي البته اخلاقي جرئت اها آهي ته پنهنجي سوڀ سان گڏ ڪڏهن شڪست به قبول ڪري ۽ پنهنجي ڪمين ڪوتاهين جو جائزو وٺي مستقبل لاءِ نئين سر مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.  ملڪ جا وڏا ڏاها، دانشور، مبصر ۽ تجزئي نگار تواريخ جي جائزي ۽ موجوده حالتن تي گهري نظر رکي، سمورو جائزو وٺي پنهنجي پنهنجي راءِ ڏئي رهيا آهن!

هونئن ته چونڊن جي شفافيت تي اعتراض اٿارڻ لاءِ سوين سوال موجود آهن ۽ حقيقتن کي جاچي پنهنجو جائزو وٺي سمورن سياسي ۽ جهموري فورسز کي ملڪ ۽ عوام جي بهتري واسطي پنهنجو قبلو درست ڪري هن ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور مضبوط ڪري غربت ۽ ذلت مان نجات ڏيارڻ جي اڄ شديد ترين ضرورت آهي.

هن وقت ڪنهن به سياسي پارٽي کي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ واضح طور سادي اڪثريت ناهي، جنهن سبب هر هڪ پارٽي جا سياسي اڳواڻ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙ توڙ جي سياست ۾ لڳي ويا آهن.

انهي سلسلي ۾ ڪالهه ميان محمد نواز شريف چونڊن ۾ مرڪز توڙي پنجاب اندر پاڻ کي اڪيلي طور وڏي سياسي پارٽي هجڻ جي دعوي! ڪري ۽ ملڪ مان سمورن مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڏو ڏاهو، مدبر ۽ ملڪي درد رکندڙ سمجهندي پنهنجي مٿان ڄڻ ته وڏو ملڪي بار محسوس ڪيو آهي ۽ انهي سلسلي ۾ پنهنجو فرض سمجهندي هن ميان شهباز شريف کي ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري, بلاول ڀٽو زرداري صاحب ۽ پيپلز پارٽي جي ٻئي قيادت ان حوالي سان پنجاب ۾ ترسيل آهن جتي نواز ليگ قيادت ساڻن حڪومت سازي جي معاملي تي رابطن ۾ آهي.

هن موقعي تي سياسي فورسز کي اها به گذارش آهي ته جهموري قدرن جي پاسداري ڪندي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ سڀني سياسي پارٽين جو حق آهي پر ان سلسلي ۾ ايوانن کي ڪنهن به ريت انساني ضمير خريد ڪرڻ جي منڊي هرگز به نه لڳائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان عمل سان اخلاقيات ختم ٿيندي آهي، حق ۽ سچ جو جذبو مري ويندو آهي جنهن سبب هي معاشرا, ملڪ , قومون ۽ ادارا تباه ٿي ويندا آهن.

ميان صاحب پنهنجي خطاب وقت ڪجهه ڳالهيون ڪيون جن مان ڪي بهتر ته ڪي وري عجيب به لڳيون. مثلاَ: چونڊن جا نتيجا مڪمل طور تي نه اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پارٽي کي مڪمل طور ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي سمجهڻ !ملڪ جي گڏيل مفاد ۾ سمورن سياسي پارٽين کي گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏيڻ ۾ هڪ وڏي سياسي پارٽي پي ٽي آءِ جو نالو به نه کڻڻ. انتقام واري سياست کي ڇڏي ۽ عبادت واري سياست جي شروعات  جي دعوي! ڪرڻ باوجود به هڪ وڏي سياسي پارٽي جي جيل ۾ ويٺل اڳواڻ جو نالو وٺڻ به گوارا نه ڪرڻ.

سچ پچ ته هي بلڪل به عجيب ڳالهه آهي ۽ ملڪ جون حالتون سمورن سياسي اڳواڻن کان اها تقاضا ٿيون ڪن ته حقيقتن کي قبول ڪري پوري نيڪ نيتي سان هن ملڪ کي دٻڻ ۽ مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ ايڪي , اتحاد ۽ سچائي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو, پنهنجي سياسي ۽ ذاتي انائن کان ملڪي ۽ قومي مسئلن کي اهم ۽ اتم سمجهي اڳتي وڌڻ ملڪ ۾ جهموري قدرن ۽ اخلاقيات جو خيال رکي هن ملڪ کي دٻڻ مان ڪڍڻو پوندو.

موجوده چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري نوجوان هوندي به پراڻن ۽ بزرگ سياستدانن کي پنهنجي اليڪشني مهم دوران اهو چيو هيو ته آئون انتقام ۽ انتشار واري سياست کي ختم ڪري برداشت, سنجيدگي ۽ رواداري واري سياست ڪرڻ کي پسند ڪندس ۽ مان ڪنهن به پنهنجي سياسي مخالف کان ڪوئي به انتقام نه وٺندس.

سچ پچ ته منهنجي خيال ۾ عوام مان ڪافي ماڻهن سندس انهي سوچ ۽ مؤقف کي بهتر سمجهندي ۽ ٻين صوبن اندر ڪاميابي سان اليڪشني مهم هلائڻ جي ڪري گذريل اليڪشن جي ڀيٽ ۾ پوري ملڪ اندر وڌيڪ ڪامياب ڪري سندس بياني کي درست سمجهو آهي.

اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍ ۽ جبر جي طاقت سان ماڻهن جي دلين تي حڪومت ڪري نٿي سگهجي ۽ نه ئي عوام جي اندر وارن اڌمن ۽ جذبن کي روڪي سگهجي ٿو. جنرل ضياء پاران پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي پر پيپلز پارٽي کي وقتي طور ته مشڪلاتون درپيش آيون پر سوين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي باوجود به اڄ تائين اها ضيائي جبر ۽ ڏاڍ جي ڪري عوام جي دلين مان نه نڪري سگهي آهي.

اهڙي ريت عمران خان به هڪ سياسي قوت آهي جنهن سان توهان جا سؤ دفعا نظرياتي ۽ سياسي اختلاف هجن پر عوام جو وڏو حلقو ساڻس محبت ڪري ٿو ,سياست جي ميدان ۾ سندس ڪجهه ڪوتاهين جي باوجود مٿس مشڪلاتون آيون ۽ سندس قيادت کي مجبور ڪري سوڙهو ڪيو ويو پر پوءِ به هڪ عوامي ليڊر کي ماڻهن جي دلين مان ڪڍڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي.

انهيءَ سموري پسمنظر جي روشني ۾ ماڻهن جي ضمير جي خريد و فروخت واري منڊي لڳائڻ بدران ڪوئي مناسب حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻ ۾ گڏجي سمورن سياسي فورسز کي هن ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ پنهنجون درست راهون متعين ڪرڻ ۾ ڪا آساني ٿي سگهي جيڪا اڄ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي ته جيئن هن غربت, افلاس ۽ ذلت مان جند ڇڏائي سگهجي.

حسب روايت چونڊون کٽندڙ اڪثر ماڻهو پنهنجي ڪاميابي کي جهموريت جي فتح ۽ عوام جي خدمت جي عيوض ڪامياب ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي رهيا آهن ۽ پر ٻئي طرف چونڊون هارائيندڙ ماڻهو هميشه جيان چونڊن کي بوگس ۽ جعلي قرار ڏئي رهيا آهن. جيڪا ڳالهه مناسب آهي يا نه اهو الڳ بحث آهي جنهن تي مفصل طور تي لکڻ جي ضرورت آهي البته اخلاقي جرئت اها آهي ته پنهنجي سوڀ سان گڏ ڪڏهن شڪست به قبول ڪري ۽ پنهنجي ڪمين ڪوتاهين جو جائزو وٺي مستقبل لاءِ نئين سر مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.