شڪست ۽  مينڊنٽ تسليم ڪريو!

تحرير: غلام حسين لغاري

خير سان چونڊن وارو مرحلو ٿوري گهڻي تشدد ۽ خونريزي بعد گذري ويو نتيجا به دير مدار جادونگري مان  فائينل ٿي عوام الناس جي آڏو پڌري پٽ ڪيا ويا آهن جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو پوءِ به پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن جي سرسي رهي جڏهن ته جمهوريت جي دعويدارن کي بري طرح شڪست ملي جن ٻه ڀاڱي ٽن جي دعوا ڪئي هئي. پي ٽي آءِ جي وجود کي ختم نه ڪري سگهيا جيل ۾ بند هڪ قيدي جيل اندر ويهي به اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته عوام ساڻس گڏ آهي جيڪا گهرن مان نڪتي ۽ پنهنجو پلڙو ڀاري رکيو جڏهن ته سرڪاري پروٽوڪول هيٺ عام جلسا ڪندڙ ن ليگ ۽ پ پ پ پنهنجي ووٽرن کي پولنگ اسٽشنن تي آڻڻ ۾ ناڪام رهيون ۽ سندن سموريون دعوائون مٽي ۾ ملي ويون.

ڏٺو وڃي ته پولنگ ختم تيڻ بعد جيڪي به نتيجا سامهون آيا يا اخبارن ۽ چئنلن رپورٽ ڪيا تن موجب پي ٽي آء جي حمايت يافته ڪامياب اميدوارن جو انگ ڏيڍ سئو کان مٿي هيو ۽ نتيجن اچڻ جي رفتار تيز هئي جيڪا اوچتو رڪجي وئي جنهن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر کي آفيس مان ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رفو چڪر ٿيڻو پيو نتيجا اچڻ بند ٿيا جنهن کان پوءِ قوم کي ڳڻتي ٿي ته ڇا بنگال جا جادوگر پنهجا ڪرتب ڏيکارڻ اليڪشن ڪميشن ته نه پهتا آهن جنهن سان ڪجهه ڪلاڪن تائين هڪ قسم جو سناٽو ڇائنجي ويو ۽ ڇهن اٺن ڪلاڪن بعد نتيجا ظاهر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو ڪالهه تائين جاري رهيو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن رات جو 2 بجي تائين مڪمل نتيجا ظاهر ڪرڻ جي دعوا ڪئي هئي۔پ پ پ اڳواڻ شيري رحمان جو هڪ بيان سامهون آيو ته سندس قائد بلاول ڀٽو لاهور واري سيٽ کٽيو ويٺو هو جنهن کي جادو وسيلي هارايو ويو ۽ هن اليڪشن ڪميشن مٿان  نتيجن ۾ ڦير ڦار جا الزام هنيا۔انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ن ليگ کي هلڪو سلڪو ئي سهي مينڊنٽ ڏيارڻ لاءِ نتيجا روڪي جادو جي لٺ کي گهمايو ويو جو جو ميان محمد نواز شريف جيڪو مانسره ۽ لاهور ۾ هارئي ويٺو هو جنهن کي بعد جي نتيجن ۾ لاهور مان ڪامياب قرار ڏنو ويو۔چيو وڃي ٿو ته لاهور جي انهي تڪ جي رٽرننگ آفيسر کي رات جو ئي ميڊيڪل تي روانو ڪري نئون آر او مقرر ڪري کائنس نتيجو نوازشريف جي حق ۾ ڪرايو ويو جنهن نتيجي کي چئلنج به ڪيو ويو آهي عدالت جي فيصلي جو انتظار رهندو.

اليڪشن ڪميشن هن چونڊن ۾ تڏهن ڌر ثابت ٿي جڏهن پي ٽي آء کان پنهنجي سڃاڻپ يعني چونڊ نشان واپس ورتو ۽ سندس اميدوارن کي آزاد اميدوار تصور ڪيو ۽ الڳ الڳ نشان ڏنا ۽ ٻيهر ڌر تڏهن ٿي جڏهن آزاد اميدوار ميدان ماري چڪا هئا ۽ هڪ نئون انقلاب سامهون اچي چڪو هو جنهن سان پ پ پ ۽ ن ليگ بري طرح هارائي رهي هئي ۽ هلندڙ نتيجا ڪلاڪن جو ڪلاڪ روڪيا ويا. هن وقت به ن ليگ ۽ پ پ پ کي جيڪي به سيٽون  مليون آهن تن سان به اڪيلي سر حڪومت نٿيون ٺاهي سگهن جڏهن نئين پي ڊي ايم ٺهي پي ٽي آءِ مخالف سموريون پارٽيون پاڻ ۾ گڏجن ۽ اتحادي حڪومت ٺهي اها الڳ ڳالهه آهي. اتحادي حڪومتن ماضي ۾ ڪڏهن به ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو هاڻ وري ڪهڙو ٻارينديون ويتر ملڪ معاشي طور ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو هاڻ ملڪ وڌيڪ ڪمزور رهي نٿو سگهي جنهن جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا طاقتور ڌريون هوڏ تان لهن ملڪي مفاد کي ترجيح ڏين ۽ عوامي مينڊنٽ جو احترام ڪن.

اهي به خبرون آهن ته ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ميدان ۾ آصف زرداري کي ميدان تي لاهڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي ته هو آزاد اميدوارن کي خريد ڪري جنهن جو اشارو ن ليگ جي اڳوڻي وزير خزانه اسحاق ڊار پنهنجي هڪ بيان ۾ ڏئي چڪو آهي ته آزاد ميمبرن ن ليگ سان رابطو ڪري ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. هن بيان بعد ن ليگ سربراه ميان محمد نوازشريف پنهنجي ڀاءُ ميان شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آصف علي زرداري سان رابطو ڪن کيس مخلوط حڪومت ٺاهڻ ۽ آزاد ميمبرن کي ڦيرائڻ لاءِ راضي ڪري. هڪ اڌ ملاقات ٿي به آهي. اهي به اطلاع آهن ته بلاول ڀٽو اتحادي حڪومت جو حصو بڻجڻ جو مخالف آهي پر پنهنجي والد کي پٺي به ڏئي نه سگهندو ۽ اهو مطالبو ڪندو ته وزارت عظمي سندس حوالي ڪئي وڃي جيڪا ڳالهه شريف خاندان ۽ طاقتور حلقا هرگز قبول نه ڪندا. معتبر ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ن ليگ کان ڪجهه مطالبا ڪيا آهن جنهن ۾ وزارت اعظمي يا صدارت سميت ڪجهه مک وزارتون پ پ پ حوالي ڪرڻ جو اشارو ڪيو آهي. هونئن به هن ڀيري ن ليگ جا اهم مهرا جيڪي مک وزارتون کڻندا هئا سي هارائي چڪا آهن جنهن سان ن ليگ جي ٽيم اڻپوري ۽ بي اثر  ٿي چڪي آهي۔جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي خريد ڪرڻ ڊيڄارڻ يا ڪنهن به قسم جي غليظ حرڪت يا سازش ٿي ته انجا اگرا نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا ملڪ ٻيهر ڌرڻن ڏانهن وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح عالمي سطح تي ملڪ جو وقار هيٺ ڪرندو ۽ حالتون ڳنڀير ٿي سگهن ٿيون جنهن لاءِ طاقتور ڌرين کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو.

هن ڀيري به چونڊن ۾ خانداني سياست ڪامياب ٿي آهي هڪ ئي خاندان ۽ ويڙهن جا اميدوار ڪامياب ٿي اسيمبلين ۾ پهتا آهن جيئن ماضي ۾ پهچندا رهيا آهن جنهن مان ڀلي ڀت پتو پوي ٿو ته عوام ۾ شعور ناهي آيو ۽ خانداني سياست جو وجود برقرار رکڻ چاهي ٿي. جتي ۽ جنهن پارٽي ۾ خانداني سياست نصب العين هوندو اتي جمهوريت جو ڪو جو وجود ناهي هوندو صرف جمهوريت جو نالو هوندو آهي ۽ اهي ملڪ ڪمزور ۽ معاشي طور تباهه حال ڪرپٽ سڏيا ويندا آهن پاڪستان اهڙن ملڪن مان هڪ سڏجي ٿو جتي بک بيروزگاري جهالت جو انگ مٿڀرو آهي جو جمهوريت جو نالو نشان ناهي عدالتن ۾ انصاف ناهي جج سياسي ۽ وڪائو آهن.

سنڌ ۾ قومپرستن ۽ جي ڊي اي اميدوارن جي بري طرح شڪست به سنڌ لاءِ لمحه فڪر آهي جنهن جا به اسباب جاچڻا پوندا ته سنڌ جو قوم پرست آخر چونڊون ڇو نٿو کٽي سگهي جڏهن ته بلوچستان جو قومپرست واضح نموني ڪامياب ٿئي ٿو اسيملين ۾ پهچي ٿو ۽ حڪومت سازي جو به حصو بڻجي ٿو. سيد زين شاهه روشن ٻرڙو اياز لطيف پليجو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جو هن ڀيري به اسيملي تائين نه پهچڻ ۽ لاڳيتو هارائڻ سنڌ جي ماڻهن جي بدقسمتي چئجي يا سنڌي قومپرست سياست کي ٿڏي چڪا آهن. هن ڀيري قومپرستن ۾ ولولو هو ۽ سندن چونڊ مهم به اڳڀري هئي پر گهٽ ووٽ پوڻ ۽ سندن شڪست سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ ناهي جڏهن ته بلوچستان جو قومپرست ڪامياب ٿيو آهي. قومپرست ته پنهنجي جاءِ تي پر هن ڀيري جي ڊي اي اميدارن جي شڪست به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ پتو پوي ٿو ته سياسي اتحاد به عوام آڏو ڪا اهميت نٿا رکن. سنڌ جي قومپرستن ۽ جي ڊي اي شامل سمورين پارٽين کي قومي سطح تي هڪ مضبوط سياسي پارٽي قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي باقي ڌڙن کي سنڌ جو ووٽر ڪڏهن به نه قبوليندو نه وري کين ووٽ ڏيندو هونئن به ووٽ وڏيرن جو آهي جيڪي پ پ پ ۾ شامل آهن.

پ پ پ لاڳيتو چوٿون ڀيرو اسيمبلي ۾ وڃي رهي آهي ۽ اقتدار ماڻيندي. پ پ پ اميدوارن کان مهم دوران وڏو پڇاڻو به ٿيو پوءِ به ووٽ جو پ پ پ ڏانهن وڃڻ هڪ معجزو چئجي ۽ عوام چونڊ نتيجن تي آڱريون به کڻڻ تا جنهن ۾ شڪ به ناهي جو اليڪشن ڪميشن حالتون به اهڙيون پئدا ڪيون هيون جنهنڪري به خدشا آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نتيجن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي پر قومپرستن سميت جن به هارايو آهي تن وڏي تعداد ۾ ووٽن جي فرق سان هارايو آهي جن کٽيو آهي تن به وڏي فرق سان کٽيو آهي. نه صرف سنڌ ۾ پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به انهن هارايو آهي جن ماضي ۾ ناهي هارايو۔ڪي پي ڪي ۾ ته ٽيون ڀيرو پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي آهي ۽ ٽيون ڀيرو حڪومت ٺاهيندي.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته چونڊ نتيجن وسيلي ڪجهه هيرا ڦيري ضرور ٿي آهي جنهن جا واضح ثبوت به آهن پر وڏي پئماني تي چونڊون صاف سٿريون ۽ شفاف ٿيون آهن اها ڳالهه مڃڻ گهرجي. جيڪڏهن وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿئي ها ته ن ليگ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضرور ماڻي ها جيڪا کيس نه ملي سگهي البته کيس اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه جلد بازي کان ٽيڪنيڪل تجربو دهرايو ويو آهي جيڪو اليڪشن ڪميشن ۽ طاقتور حلقن کي وائکو ڪري ٿو. ن ليگ کي سهولت ضرور ملي آهي جيڪا صاف ظاهر هئي جو ن ليگ سربراهه جا ڪيس ڏينهن بدران ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ختم ڪيا ويا ۽ کيس  وفاق ۽ پنجاب صوبي ۾ لولي لنگڙي حڪومت ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن لاءِ پ پ پ ۽ متحده قومي موومينٽ سميت ڪجهه ٻين ڌڙن کي ن ليگ سان سهڪار ڪرڻ جو اڳواٽ اشارو ٿي چڪو آهي باقي ن ليگ کي وڌيڪ ڇا گهرجي جو کيس لولي لنگڙي حڪومت ڏئي ٿڌو ڪيو پيو وڃي.

چونڊون صاف شفاف ٿيون يا نه اهو الڳ معاملو آهي عدالتون فيصلو ڪنديون پر ڪوشش ڪجي ته ووٽ جو احترام ڪجي جيڪو ن ليگ جو نعرو رهيو آهي ۽ ن ليگ کي ان  نعري تي قائم رهڻ گهرجي ۽ مخالفن جي مينڊنٽ کي قبول ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ئي ملڪ جو مفاد آهي باقي ڪنهن ڌر جي مينڊينٽ تي قبضو ڪرڻ جمهوريت نه چئبي ۽ زوري حڪومتون ٺاهڻ سان مسئلا پئدا ٿين ٿا جيئن ماضي ۾ ٿيا آهن. چونڊيل ميمبرن ۽ پارٽين جي خريد فروخت ۽ وفاداريون بدلائڻ واري ڪڌي واپار کان بهتر آهي ته پنهنجي شڪست قبول ڪجي لولي لنگڙي سرڪار قبولڻ کان انڪار ڪري ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي کي تيار ڪجي ته جيئن عوام ۾ پذيرائي حاصل ڪري سگهي. هن وقت پ پ پ ۽ متحده قومي موومينٽ جيڪي ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن تن کي ملڪي مفاد وٽان سوچڻ گهرجي ته ملڪ جي اصل سگهه ڪهڙي ڌر کي حاصل آهي. قومي ۽ اتحادي حڪومت تڏهن ئي ڪامياب ويندي جڏهن نظرين ۾ ڪجهه هم آهنگي هجي. ملڪي مفاد ۾ اها ڳالهه آهي ته آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کي تسليم ڪجي جيڪا ڳالهه ئي جمهوريت جي سونهن آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.