حق ڏيو تحريڪ پهريون ڀيرو بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ سيٽ کٽي ورتي

 گوادر (م ڊ) حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان گوادر مان بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي. حق ڏيو تحريڪ جي اميدوار بي اين پي جي حمل ڪلمتي کي شڪست ڏني آهي، جيڪا 2002 کان  وٺي مسلسل سيٽ کٽي رهي آهي. حق ڏيو تحريڪ 2021ع ۾ گوادر جي ساحلي ضلعي ۾ وجود ۾ آئي، عوام خاص ڪري ماهيگيرن کي درپيش مسئلن تي مضبوط موقف اختيار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.