جماعت اسلامي پاران چونڊ نتيجا رد، تحريڪ جو اعلان

لاهور ( پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق پاران اليڪشن جي نتيجن کي جعلي ۽ ڌانڌلي قرار ڏيندي اليڪشن ڪمشنر جي فوري طور تي  استعيفا ۽ تحقيقات جي لاءِ آزاد ۽ غير جانبدار ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو آهي. منصورا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو مينديٽ چورايو ويو آهي. سمورين آزاد سروي جي مطابق ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي جي وچ ۾ مقابلو هيو ۽ ايم ڪيو ايم ته هئي ئي نه پر عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ۽ انهن کي کٽرايون ويو آهي. بلوچستان سميت ٻين علائقن جي رزلٽ ايندي رهي پر اهم شهر جي رزلٽ روڪي آخري نمبر تي ٿيل جماعت کي پهرين نمبر تي آندو ويو. ڪراچي جو عوام ان جعلسازي رزلٽ کي رد ڪري ٿو. ۽ جماعت اسلامي ڀرپور احتجاج ڪندي. آزاد اميدوار به اسان جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ چاهين ته ڀليڪار ڪنداسين. هن چيو ته هو ڪراچي وڃي رهيو آهي جتي جماعت جي اڳواڻن ڪارڪنن سان صلاح مشورو ڪري لائحه عمل جوڙيو ويندو.نائب امير جماعت اسلامي لياقت علي راشد نسيم ڊاڪٽر فريد پراچہ سيڪريٽري جنرل امير العظیم ڊپٽي سيڪريٽري جنرل اظهر اقبال حسين سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف ۽ امير پنجاب وسطي جاويد قصوري به ان سان گڏ موجود هئا..امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو ته پنجاب ۾ واضح طور تي مسلم ليگ ن جي حق ۾ نتيجا ترتيب ڏنا ويا. اليڪشن ڪميشن ن ليگ پي پي ۽ ايم ڪيو ايم کي سپورٽ ڪيو. اها عوام سان زيادتي آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي هن جو چوڻ هو ته جعلي اليڪشن نتيجن سان ٺهندڙ حڪومت جعلي هوندي عالمي ادارن ۽ ميڊيا به انهن تي سوال اٿاريا آهن. اليڪشن ڪميشن انتخاب آئيني ذميواري تحت ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. قومي انتخاب 2023م ٿيڻا هئا جيڪي 2024 ۾ ٿيا آهن ۽ اليڪشن دوران موبائيل سروس انٽرنيٽ بند ڪئي وئي آهي. ۽ رزلٽ ديرڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.