خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت يقيني آهي: شير افضل

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت يقيني آهي.  پشاور ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيا آزاد اميدوار به رابطي ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 2 آزاد اميدوار باضابطا طور پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندا. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته 3 ٻيا آزاد اميدوار به اسان سان رابطي ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.