عوامي مينڊيٽ ۽ استاد منگهوءَ جون خواھشون

تحرير: شفيق الرحمان شاڪر

سمورن تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ خير سان چونڊون ٿي گذريون.ڪنھن کٽيو، ڪنھن ھارايو، اھي اعلان شڪ شبھن جا ھار پائي اڃا تائين جاري آھن.چونڊن سان جيڪو سلوڪ ٿيو سو ٿيو پر چونڊن بعد گهڻن سان استاد منگهو واري ڪار نه ٿي وڃي. جيڪر ڪنھن کي استاد منگهو ٽانگي وارو ياد نه ھجي ته سعادت حسين منٽو جو افسانو ” نئون قانون“ پڙھي ڏسي.مختصر ڪھاڻي اھا آھي ته استاد منگهو گهوڙي گاڏي ھلائيندو ھو ۽ کيس ننڍي کنڊ جي انگريزن جي غلاميء کان آزاديء جو منتظر ھو.منگهو جي ٽانگي تي سوار ٿيندڙ ماڻھو جيڪا به ڳالھه ڪندا ھئا، ھو ترت ئي انھن ڳالھين تي اعتبار ڪري وٺندو ھو.ايستائين جو استاد منگهو ٻڌي ورتو ته پھرين اپريل تي نئون قانون ايندو جيڪو انگريزن جي غلامي کان آزدي ڏياريندو.

منگهو ويچارو پھرين اپريل جي انتظار ۾ سڄو مارچ جشن ملھائيندو رھيو ته اجهو ٿيون غلاميء جون زنجيرون ٽٽن.ايستائين جو پھرين اپريل به اچي ويئي.استاد منگهو کي پھرين اپريل تي انگريزن کان آزاديء جو پروانو ته نه ملي سگهيو بلڪه ھڪڙو انگريز ملي ويو جنھن کي استاد منگهو اھو چئي خوب ڪاوڙ ڪڍي ته ” پھرين اپريل اچي ويئي پر اڃا تائين تنھن جي آڪڙ ناھي ويئي.“

اسان واري معاملي ۾ استاد منگهو في الحال جمھور جو سج ڳولھي رھيو آھي.ھو پنھن جي ووٽ جي عزت افزائي ٿيندي ڏسي رھيو آھي ۽ حيرت زده آھي ته ھاڻي ته اٺين فيبروري به گذري ويئي پوءِ به اھا ئي آڪڙ!  چونڊن جا تڪراري نتيجا اڃا تائين جاري آھن.بھرحال ڪونه ڪو ته اقتدار جو تاج ضرور پھريندو.ڪجھه عرصو وڌيڪ انتظار ڪرڻ ۾ ڪھڙو حرج آھي.سوال اھو آھي ته اقتدار ۾ ايندڙ نئين ٽيم کان اسان اھا ڪھڙي نئين اميد رکي سگهون ٿا جيڪا اڄ کان اڳ نه لڳائي ھجي؟ حڪومت جوڙيندڙ اھي ڪھڙا نوان چھرا ھوندا جن کان وري ڪي نيون اميدون لڳايون ۽ پراڻا سڀ ڏيئا وسائي ڇڏيون؟

کٽڻ وارن کي سوڀ مبارڪ جو جمھوريت جا جيڪي ڀاشڻ انھن تيار ڪري رکيا آھن، ھاڻي ايندڙ ڪجھه ھفتن تائين انھن جي ڪجھه اھم نڪتن مان عوام فيضياب ٿيندو رھندو.اسان کي ٻڌايو ويندو ته نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آھي.ھاڻي پھرين جيان ڪجھه به نه ٿيندو. پر ڇا ھاڻوڪن تڪراري چونڊ نتيجن بعد ڪنھن نئين دور جو آغاز ٿي سگهندو؟ روٽي، ڪپڙا،مڪان، تعليم، تيڪنالاجي،صحت، بنيادي انساني حق،بنيادي آزادي ۽ بھتر معيشت،اھي سڀ اھڙا معاملا آھن جن تي ھر سياسي جماعت قوم ۽ ملڪ جي بھتريء جي دعويدار آھي ۽ لڳ ڀڳ سموريون پارٽيون ساڳي پلاننگ ۽ پاليسي رکن ٿيون.حڪومت جرنيلي ھجي يا جمھوري، اڄ تائين ڪنھن به اقتدار سنڀالڻ بعد اھڙو اعلان ناھي ڪيو ته اسان جا عزيز ھم وطنو! اوھان جي نوانوي اعتماد جي مھرباني،اڳتي ڏسجو ته اسان ڪيئن نه ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو ٿا غرق ڪيون.ظاھر آھي ته ايندڙ نئين ڪابينا جي اھا ئي دعويٰ ھوندي ته اسان ھر بگڙيل ڪم سنواري وٺنداسين.نئين حڪومتي ٽيم به گذريل حڪومتن جيان خوبصورت پاليسيون جوڙيندي، سرڪاري گزيٽ پيپر وري نين قانوني موشگافين سان سينگاربو،خوب نوٽيفڪيشن جاري ٿيندا، بل پاس ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪجھه آئيني ترميمون به ٿي وڃن.حڪومتي ٽيم جوڙيندڙن وٽ پھرين سو ڏينھن جو ڪو پلان اڳ ۾ ئي تيار ھوندو، آئي ايم ايف وٽ وڃڻو آھي،معاشي سڌارن جا دھل وڄايا ويندا،اسٽيٽ بينڪ جي نئين پاليسي متعارف ڪرائي ويندي،  ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ قومي خسارو گهٽائڻ جا نت نوان خيال پيش ڪيا ويندا.ممڪن آھي ته ھڪ ڀيرو وري حڪومتي ميمبرن، وزير اعظم ھائوس وغيره کي بچت ڪرڻ، رات جي وقت گهٽ فانوس روشن ڪرڻ، گرميء ۾ ڇھن جي بدران چار اي سي ھلائڻ ۽ وزير اعظم ھائوس جي ڪچن جو خرچ گهٽائڻ لاء سبزي ۽ ڀاڄي وغيرھ وزير اعظم ھائوس جي لان تي اپائڻ جا پريس رليز به جاري ڪيا وڃن.

روزمره جا ننڍا وڏا حڪم جاري ڪرڻ ڪنھن چونڊيل حڪومت جو اڪيلو ڪم ته نه ھوندو آھي،عالمي اسٽيج تي قوم جي ڊائريڪشن طيء ڪرڻ،جمھوريت جو ڪيس وڙھڻ ۽ جمھور جي حقن جي حفاظت ڪرڻ به چونڊيل حڪومتن جي بنيادي آئيني ذميداري ھوندي آھي.پاڪستان ھڪ ڊگهي جمھوري، سياسي، معاشي ۽ سماجي بحران مان گذري رھيو آھي، عوام چاھي ٿو ته سمورو ملڪ گڏجي انھن بحرانن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري،انھن پنھن جن نمائندن کي ووٽ نوان بحران پيدا ڪرڻ لاءِ نه پر موجود بحران حل ڪرڻ لاءِ ڏنو آھي.ان لاءِ نه ته رقابت ۽ عداوت جي سياست وري ڪو نئون رنگ اختيار ڪري ۽ وري ملڪ ۾ سياسي جهنڊاپٽ شروع ٿي وڃي.

لکن جي تعداد ۾ گهٽي گهٽي موجود استاد منگهو کي انتظار آھي ته ھن دفعي فيصلا سازيء جو عمل سندن چونڊيل نمائندن جي ھٿ ۾ ھوندو ۽ غير سياسي قوتن جي مداخلت جو فتنو ھميشه لاء سياست مان ختم ٿي ويندو. استاد منگهو جي خواھش آھي ته پارليامينٽ اندر چونڊيل نمائندن جون منڊيون لڳڻ بند ٿين، بين الاقوامي لاڳاپا نئين نموني سان عوامي امنگن موجب ٻيھر ترتيب ڏنا وڃن، سمورا اھم ملڪي معاملا پارليامينٽ جي صلاح مشورن ذريعي حل ڪيا وڃن،انصاف جو نظام بھتر ٿئي، اھڙيون پاليسيون جڙن جو غريب عوام تان مھانگائِ جو بار ھلڪو ٿئي،صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪي انقلابي قدم کنيا وڃن،عوام کي ئي ھن ملڪ جو اصل حڪمران تسليم ڪيو وڃي ۽ ھر ادارو آئيني حدن ۾ رھندي پنھن جو ڪم ڪري.ماضي ۾ ويچاري عوام مختلف نعرن ۽ خوبصورت اعلانن جي آڙ ۾ جيڪي ڪجھه ڀوڳيو آھي اھو ڪنھن کان به ڳجهو ناھي.ماضيء جي پاليسين ملڪ کي تباھين جي جنھن ڪناري تي آڻي بيھاريو آھي انھن تي نظرثاني ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.عوام جن کي به پنجن سالن لاءِ جمھوري مينڊيٽ ڏنو آھي انھن کي مليل آئيني آزاديء موجب حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي،استاد منگهوء جي خواھش ته اھا ئي آھي پر اصل واڳ ڌڻين جي خواھش ڪھڙي آھي،ملڪ جي ايندڙ قسمت انھيءَ سوال جي جواب سان سلھاڙيل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.