ڪرسي جي ڊوڙ

تحرير: حاڪم نصيراڻي

چيف آف آرمي اسٽاف ڪامياب اليڪشن ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن سڪيورٽي فورسز ۽ اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ تي قوم کي مبارڪون ڏنيون فافن به خدشن جي باوجود اليڪشن کي شفاف قرار ڏيئي ڇڏيو. مولانا راشد محمود اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙيل نظر پيو اچي اڄ پوري سنڌ جي اهم رستن تي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

71 جون چونڊون,  ايران جو انقلاب ۽ 2024 جون چونڊن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي. اڳواڻ ڀل ميدان ۾ نه هجن پر عوام انهن سان گڏ بيٺل نظر آيو. پاڻ نه 71 جي ڳالهھ ڪنداسين نه وري ايراني انقلاب جو ذڪر ڇو ته اهي ماضي جا قصا ٿي ويا پر 2024 جي چونڊن ملڪي سياست تي اڻ مٽ ڇاڀ هڻي ڇڏي. هڪ اهڙي ماڻھو جو نظريو پسند ڪيو ويو جنهن جي نظريي کي هاڃيڪار سمجهيو پئي ويو. هاڻي هڪ ڳالھه ته صاف ظاهر ٿي آھي يا ته اڪثريت هاڃيڪارن جي آھي يا هاڃيڪار سمجهڻ وارن جي سوچ غلط آھي.

سياست به عجيب راند آھي خاص طور تي پاڪستان جي سياست ته بلڪل ئي عجيب آھي. جتي اصول، تبصرا، مشاهدا، مشورا ۽ نظريه دم ٽوڙي وڃن اتان ميدان کان ٻاهر ويٺل رانديگر هڪ بي قائدي راند جي شروعات ڪندا آھن جنهن کي پاڪستاني سياست چئبو آھي. اها به حقيقت آھي ته سياست ۾ غلط ۽ صحيح جي تصور کان وڌيڪ مفادن کي وڏو مان ڏنو وڃي ٿو.

ملڪي تاريخ جي هڪ نئين تاريخي اليڪشن خيريت سان ٿي گذري. سڀ ڌريون اليڪشن تي تنقيد ڪن پيون هارائڻ وارا به رڙن پيا ته کٽڻ وارن جون به وايون بتال آھن ته هي ڇا ٿي ويو. اليڪشن صحيح ٿي يا غلط ٿي ان بحث ۾ پوڻ کان بهتر آھي ته اڳتي نڪري جمهور ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ سوچجي. هن وقت پوري ملڪ مان آيل نتيجن سڀ کي منجهائي ڇڏيو آھي ڇو ته چونڊن کان اڳ جيڪي ڳالهيون هلن پيون ان ۾ ائين لڳي پيو ته ڪنهن کي هيرو ڪيو ويندو ته ڪنهن کي وري زيرو ڪيو ويندو پر نتيجن کي ڏٺو وڃي ته جن کي هيرو ڪرڻ جون ڳالهيون هيون اهي سڀ ڪوڙيون نڪتيون ۽ جن کي وري زيرو ٿيڻ جا خدشا هئا اهي وري صفا هيرو ٿي اڀريا. هن چونڊن ۾ سياست ۾ وڏو قد ڪاٺ رکندڙ شخصيتون پارٽين جا سربراه پنهنجون سيٽون نه بچائي سگهيا جن ۾ بلاول ڀٽو لاهور جهانگير ترين ملتان ۽ لوڌران ائين مولانا فضل الرحمان سراج الحق ڪاڪڙ صاحب رانا ثناء الله ۽ ٻيا به شامل آھن.

ايندڙ ڪجهھ ڏينهن ۾ سياسي اڀ تان خدشن وهمن ۽ وسوسن جا ڪڪر صاف ٿي ويندا اقتداري منصب ڪنهن هڪ جي حوالي ٿيندو پر ان کان اڳ عوام ٻڏتر جو شڪار رهندي ته ڇا ٿي رهيو آھي.

هن وقت جي آيل نتيجن موجب آزاد اميدوار سينچري هڻي ميدان ماريون ويٺا آھن. حقيقت ۾ ڏسجي ته آزاد اميدوارن ۾ ڪجهھ اهڙا به ماڻھو آھن جن کي ڪن سببن جي ڪري ن ليگ سميت مختلف پارٽين پارٽي ٽڪيٽون جاري نه ڪيون پر انهن پنهنجي زور تي چونڊن ۾ ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪري پنهنجي حيثيت مڃرائي ڇڏي. هاڻي ڏسجي ته اهي ٽي درجن کن آزاد اميدوار ڪهڙي طرف ۽ ڪهڙن شرطن تي پنهنجو جهڪاءُ ڏيکارن ٿا. ڏسي ته 2018 جو جهاز مسافرن کي کڻڻ لاءِ سياسي اڏام ڀرڻ جي تياري ڪري ٿو يا نه۔ مٿان زرداري صاحب به پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجا ديرا ڄمائڻ ۾ لڳي ويو آھي. ٻي طرف ن ليگ به ان ڊوڙ ۾ پوئتي رهڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. هن وقت جي سياسي ميدان ۾ ن ليگ لاءِ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سازگار پچ تيار ڪري ڏني وئي آھي پي پي پي جي حصي ۾ سنڌ اچي وئي آھي عمران خان جا حمايتي آزاد اميدوار ڪي پي ڪي ۾ پنهنجو وارو وڄائيندي نظر اچن ٿا باقي بلوچستان ۾ مرڪزي حڪومت جي اثر جو اثر پوندي نظر اچي ٿو.

اهي آزاد اميدوار جن جو تعلق پي ٽي آئي سان ناهي اهي آھستي آھستي ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو.

آزاد اميدوار جيڪي تحريڪ انصاف سان بيل آھن اهي پهريان قانوني جنگ وڙھڻ جي ڪوشش ڪندا ان کان پوءِ ممڪن آھي ته ڪنهن پارٽي سان الحاق ڪري مخصوص سيٽن جي ڪوٽا وٺن. ان لاءِ مجلس وحدت المسلمين ۽ عوامي مسلم ليگ جا آپشن به غور هيٺ آھن.

پي پي پي ق ليگ  پنجاب ۾ ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو مرڪز ۾ ايم ڪيو ايم جمعيت علماء اسلام ف استحڪام پارٽي ن ليگ سان گڏ بيهندا ڏسجي ته پي پي پي هڙن شرطن تي ن ليگ سان اتحاد ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.