ڪالهه اسان ”هاڻي نئين سياست ڪرڻ سکو“ جي سري هيٺ جيڪو ايڊيٽوريل لکيو هو تنهن عنوان جي تسلسل ۾ اڄ هي نقطو اٿاري رهيا آهيون ته هاڻي سياست مان نفرت جو لاڙو چوٽ چڙهي ويو آهي. نفرت سان گڏوگڏ سياست ۾ غير اخلاقي ٻولي جو استعمال پڻ ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي جنهن جي انت جي پڻ ضرورت آهي.
سياست ۾ نفرت ۽ غير اخلاقي ٻولي جي وڌڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو آهي يا ان حقيقت جي پڻ نشاندهي ڪري رهي آهي ته هاڻي نظرياتي سياست ناهي رهي، غير نظرياتي سياستدان ئي اصل ۾ نفرت ۽ تشدد جي سياست کي هٿي ڏيندا آهن ۽ ڪريل زبان استعمال ڪندا آهن ايستائين جو اهي ذاتيات تي به لهي ايندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي نظرياتي ۽ تربيت يافته سياستدان ناهن هوندا.
ان نفرت انگيز ۽ غير اخلاقي سياست جو ٻيو وڏو ڪارڻ تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست تي لڳل پابندي آهي. جيئن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر علم جا سڀ شعبا پڙهايا ويندا آهن تيئن هڪ شعبو پوليٽيڪل سائنس ۽ آءِ آر جو به هوندو آهي ۽ شاگرد تنظيمون ڄڻ ته انهن شعبن جو پريڪٽيڪل هونديون آهن. انهن شاگرد تنظيمن ۾ نئين نسل کي سياست جي سکيا ملندي آهي. سياست ۾ دلچسپي رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون جڏهن يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي نڪرندا آهن ته اهي پوءِ ملڪ جي ادارن ۾ وڃي ڪري عملي طور ڪم ڪندا آهن. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ملڪ جو حڪومتي نظام ئي سياسي آهي چونڊيل سياسي جماعتن تي ٻڌل پارليامينٽ جو سرشتو قائم ٿيل آهي ۽ سياسي شخصيتون ئي حڪومتي سيٽ اپ ۾ وڃي صدر، وزيراعظم، وڏا وزير، صلاحڪار ٿين ٿا ته پوءِ انهن جي سياسي تربيت لاءِ قائم ٿيل شاگرد تنظيمن تي ڇو پابندي لڳل آهي. يا شاگرد تنظيمن تي ڇو اعتراض آهي؟
سو هاڻي جيڪا غير نظرياتي ۽ اخلاق کان ڪريل سياست ٿي رهي آهي ان جو ڪارڻ ئي اهو آهي ته سياستدانن جي تربيت ٿيل ناهي هوندي ۽ حڪومتن ۾ سياسي شعبي ۾ ڊگريون ماڻيل سياستدان شامل ڪرڻ بدران وڏيرا، ڪاروباري، سردار ۽ چوڌري سياست ۽ حڪومتن ۾ اچي رهيا آهن جيڪي غير سياسي هوندا آهن. جيڪي دولت جي سهاري تي سياست ڪندا آهن ۽ چونڊون وڙهندا آهن.
اسان انهن کي عطائي سياستدان سمجهون ٿا. سو جيڪڏهن ملڪ اندر اصولي، جمهوري نظرياتي سياست چاهيو ٿا ته پوءِ تعليمي ادارن ۾ شاگرد تنظيمن تان پابندي ختم ڪريو ۽ انهن جي همت افزائي ڪريو. ٻيو ته سياسي جماعتون ماضي وانگر اسٽڊي سرڪل لازمي طور ڪرائين جنهن ۾ پنهنجن ڪارڪنن کي سياسي ڪتابن جو مطالعو ڪرائين. ٻي صورت ۾ پوءِ سياست جو اهو ئي حال رهندو جيڪو نظر اچي رهيو آهي. اصل ۾ ڪنهن به شعبي ۾ ماهر ٿيڻ لاءِ سڄي زندگي جي محنت ۽ رياض گهربو آهي، سڄي زندگي ان شعبي کي ارپي ڇڏبي آهي. ڪير به هڪدم تمام وڏو سياستدان نٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن ڪو شخص سڄي عمر ڪرڪيٽ کيڏيل هجي ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ سياست ڪندو ته ظاهر آهي ته اهو غير تربيت يافته هوندو پوءِ اهو ڪيئن اصولي ۽ نظرياتي سياست ڪري سگهندو. پوءِ اهو ظاهر آهي ته سياسي نه پر بازاري ٻولي ڳالهائيندو، جلسن ۾ سياستدانن جا نالا بگاڙي تقرير ڪندو، گاريون ڏيندو ۽ ڪريل زبان ئي ڳالهائيندو جيڪڏهن وڏيرا، جاگيردار ۽ سردار اوچتو اوچتو سياستدان بڻيا ته اهي وڙهڻ جي ۽ نفرت جي ئي ٻولي ڳالهائيندا.
اسان جي ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي به هڪ وڏو مسئلو آهي، نسلي، لساني ۽ تعصب تي ٻڌل سياست به عام ٿي وئي آهي. تنهن ڪري پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ وقت سياسي جماعتن جي سربراهن کي پارٽين اندر سٺي ڪردار سان سلهاڙيل تعليم يافته شخصيت کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ گهرجي ۽ ائين اليڪشن ڪميشن کي به چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوارن جي شخصي ۽ اخلاقي ڪردار کي نظر ۾ رکي پوءِ انهن کي چونڊن ۾ بهرو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. جيڪي تعصب ۽ هر استحصال کان پاڪ هجن، عوام دوست هجن، جن جي سياست جو مقصد ڪاروبار نه هجي، جن تي ڪرپشن جو داغ لڳل نه هجي، تن کي چونڊن لاءِ اهل سمجهيو وڃي. ان قسم جي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. اهڙي قسم جي ڇنڊڇاڻ مان نڪري جيڪي شخصيتون اقتداري ايوانن ۾ وينديون ته اهي صاف سٿري مهذب، عوامي، نظرياتي ۽ اخلاقي سياست ڪنديون، سٺي زبان ڳالهائينديون ۽ نفرت توڙي تعصب کان پاڪ ماحول جوڙينديون.
هاڻي به ڏسجي ته جيڪي سياسي جماعتون هارائجي ويون آهن، تن جا اڳواڻ نفرت جوڳي ۽ ڪريل زبان استعمال ڪري رهيا آهن جنهن تي عام ماڻهو کلي به ٿو، روئي به ٿو ته سياست جي ڪريل معيار تي اچرج جو به اظهار ڪري ٿو.
سو هاڻي جڏهن چونڊن کانپوءِ نئون ماحول جڙي رهيو آهي ۽ نئين سياست ڪرڻ تي ويچار ٿي رهيو آهي، نئين سوچ کي وڌائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته پوءِ ڇو نه ان ڳالهه تي به سنجيدگي مان سوچي ته سياست کي نفرت، تعصب ۽ ڪريل زبان کان پاڪ ڪجي ڇاڪاڻ ته نون چونڊيل اميدوارن کي جنهن عوام ووٽ ڏئي کٽرايو آهي تنهن جي ئي اها خواهش آهي ۽ سياستدانن جو اولين فرض آهي ته اهي عوام جي نبض تي هٿ رکي سياست ڪن ۽ انهن جي امنگن پٽاندڙ سياست ڪن.