اين اي 211 تي پ پ جو پير آفتاب شاهه جيلاني ڪامياب

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ )  عام چونڊن دوران ميرپورخاص شهر ،  ضلع  ۽ ڊويزن  شام پنج وڳي تائين  پولنگ جو عمل پرامن طور جاري رهيو   ڪمشنر مرپورخاص فيصل احمد عقيلي ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر رشيد مسعود ڊي آءِ جي  تنوير عالم اڍو ، ايس ايس پي عادل ميمڻ ۽ رٽرننگ آفيسر  مختلف علائقن ۾ پولنگن جو دورو ڪندا رهيا پولنگ ٽائم دوران شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ووٽرن ۽ سپوٽرن ۾ ورلي ڏند چڪ ٿيا پر ڪو به وڏو اڻ وڻندڙ  واقعو پيش نه آيو، اين اي 211 تي 326 پولنگ مان 131 پولنگ اسٽيشنن جي  غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ جو اميدوار پير آفتاب حسين شاهه جيلاني 36 هزار 756  ووٽ کڻي پهرين نمبر تي جي ڊي اي ۽ايم ڪيو ايم جو حمايت يافتا اميدوار اڳوڻو ايم اين اي سيد علي نواز شاهه 18092 جڏن ته پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار راجه عبدالحق ملڪ 10753 کنيا پي ايس 45  تي 70 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڊاڪٽر ظفر ڪمالي 9807 پ پ جي هري رام ڪشوري لعل 8314 ۽ پي ٽي آءِ جي آفتاب قريشي 7921 ووٽ کنيا جڏھن ته پي ايس 46 جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پيپلز پارٽي سيد ذوالفقار علي شاھ 43560 ووٽ حاصل ڪيا ۽ جي ڊي اي جو حمايت يافته آزاد اميدوار سيد شجاع محمد شاھ 24622 ووٽ حاصل ڪري سگھيو آھي جڏھن اين اي 212  تي به پ پ جي اميدوار ميرمنور علي ٽالپر ۽ پي ايس 47 تي پ پ اميدوار نور احمد ڀرڳڙي ۽ پي ايس 48 تي پ پ اميدوار مير طارق ٽالپر کي پڻ مخالفن تي سرسي حاصل آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.