يوسف مرتضيٰ بلوچ جي سرسي تي جيالن جو جشن

ملير (ڊ ر) پي ايس 84 ملير تان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ جي سرسري تي جيالن جو جشن وارو سمان، ڪارڪنن  جو وڏو انگ پهچي ويو. گڏاپ ۾ قائم ڪئمپ تي جشن واري صورتحال، ڪارڪنن جون جهمريون ۽ رقص، ان موقعي تي پ پ اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملير ضلعي جي عوام هميشه پاڪستان پيپلزپارٽي کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو آهي ۽ عوام ئي اسان جو اثاثو آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي هن چيو ته سنڌ ۽ وفاق ۾ انشاءَالله پاڪستان پيپلزپارٽي جون حڪومتون قائم ٿينديون ۽ عوام جي حڪمراني ٿيندي، هن چيو ته هاڻي اسان تي فرض ٿئي ٿو ته عوام جي هر ڏک، سور ۽ انهن جي خوشي ۾ اسان انهن سان شانابشانه گڏ هونداسين هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ هڪ نئين جذبي سان ترقي جا قدم کڻندو ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن جو بهتر مستقبل ٿئي ۽ هو اڳيان وڌندا هن چيو ته آئون پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي وڏڙن، ملير جي معززين ۽ راڄن جي چڱن مڙسن جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرايو آئون وچن ٿو ڪيان ته پنهنجي والد شهيد مرتضيٰ بلوچ جيان ملير واسين جي خدمت ڪيان ۽ ملير جي ترقي ۾ هڪ نئون باب قائم ڪيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.