جعلي فارم 45 بابت اعتماد جوڳا اطلاع مليا آهن: اختر مينگل

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته جعلي فارم 45 بابت اعتماد جوڳا اطلاع مليا آهن. هڪ  بيان ۾ اختر مينگل چيو ته ڪجهه اسٽيشنن تي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري. ٻئي پاسي اطلاعات واري صوبائي وزير جان اچڪزئي سردار اختر مينگل جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته هو اختر مينگل جي جعلي فارم 45 بابت بيان کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته اختر مينگل وٽ ثبوت آهن ته اختيارين آڏو پيش ڪري، مينگل غلط معلومات پکيڙڻ کان پاسو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.