ن ليگ سان بغاوت ڪندي آزاد چونڊ وڙهندڙ دانيال عزيز گرفتار

نارووال(م ڊ) نواز ليگ سان بغاوت ڪندي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 تان آزاد اميدوار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز کي گرفتار ڪيو ويو  آهي.دانيال عزيز جي گهرواري مهناز اڪبر عزيز جو چوڻ هو ته پوليس جي وڏي نفري دانيال عزيز کي شڪر ڳڙهه جي مورسلهاريان پارڪ مان گرفتار ڪيو. دانيال عزيز جي گهرواري الزام مڙهيندي چيو ته دانيال عزيز تي بدترين تشدد ٿيو آهي ۽ کيس زبردستي ڪار ۾ ويهاريو ويو، سندس گرفتاري ۾ احسن اقبال جو هٿ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.