عام چونڊون: پي ٽي آءِ حمايت يافتا آزاد اميدوارن کي سرسي، پ پ سنڌ ۾ اڳڀري، ن ليگ کي مايوسي

ڪراچي/اسلام آباد/ لاهور( رپورٽر/م ڊ) سنڌ سميت ملڪ ۾ عام چونڊن بعد نتيجا سست رفتاري جو شڪار آهن، اليڪشن ڪميشن جو اي ايم ايس سسٽم بيڪار ٿي ويو، نتيجن جو سلسلو بند ٿي ويو. جڏهن ته اندازي جي ابتڙ تحريڪ انصاف جي حمايت  يافتا آزاد اميدوارن سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي سرسي حاصل آهي. آفتاب شاهه جيلاني، مراد علي  شاهه، ڄام خان شورو، شرجيل ميمڻ ڪامياب ٿي ويا آهن. ڄام شورو 38993 ۽ اياز لطيف پليجو 7000 جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا آهن. نواز شريف، مولانا فضل الرحمان سميت وڏا نالا پنهنجي تڪ ۾ هارائڻ جي پوزيشن ۾ هئا. فضل الرحمان اباڻي تڪ ديرا اسماعيل خان ۾ علي امين گنڊا پور مان هارائي رهيو آهي. پرويز خٽڪ جي پارٽي به ٻوٽو نه ٻاريو. پرويز خٽڪ جي پنهنجي تڪ ۾ ڪمزور پوزيشن ۾ آهن. اين اي 211 ميرپور خاص ۾ پير آفتاب شاهه جيلاني مخالف اميدوار علي نواز شاهه کي هارائي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 50 اٽڪ 2 تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه حافظ سعد رضوي به اڳتي آهي. اين اي 50 اٽڪ جي 556 پولنگ اسٽيشنن مان 13 جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو حافظ محمد سعد 5176 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته آزاد اميدوار ايمان وسيم 2852 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. چوڌري خاندان ۾ دلچسپ مقابلو آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 64 گجرات ۾ چوڌري خاندان ۾ دلچسپ مقابلو آهي. ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جو پٽ چوڌري سالڪ پنهنجي ناني قيصره الاهي جو مقابلو ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت تائين جي نتيجن موجب کيس برتري حاصل آهي. ڄام شوري ۾  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 226 تي پ پ اميدوار ملڪ اسد سڪندر 39860 ووٽ کڻي اڳڀرو رهيو جڏهن ته سندس مخالف ۾ جي ڊي اي اميدوار سيد منير حيدر شاھ 14 هزار 200 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي ۽ پي ٽي آئي جو آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ عبدالحڪيم چانڊيو 3490 ٻئي نمبر تي رهيو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 77 سيوهڻ ڄامشورو هڪ تي پ پ اميدوار سنڌ اسيمبلي جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آيل نتيجن موجب 27443 وٽ پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار روشن علي ٻرڙو 3620 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي تڪ 78 ڪوٽڙي مانجھند ڄامشورو 2 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو 12852 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي ۽ جي اي اميدوار سيد منير حيدر شاھ 8 هزار ووٽ ٻئي نمبر تي رهيو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 79 ٿاڻو بولاخان تي ڄامشورو 3 تي  پ پ اميدوار ملڪ سڪندر خان به اڳڀرو رهيو جنهن رات دير تائين آيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ 15489 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته سندس مخالف جي ڊي اي جي حمايت يافته آزاد اميدوار ملڪ چنگيز خان 7630 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ عورتن واري پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون آزاد اميدوار ملڪ چنگيز خان جو حمايتي رضوان علي جتوئي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪوٽڙي اسپتال مان فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سڄو ڏينهن نيٽ ورڪ نه هجڻ ڪري پولنگ عملي کي نتيجا موڪلڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.  هينئر تائين جي نتيجن موجب لاهور جي سيٽ تي مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف به پوئتي آهي. اين اي 130 لاهور 14 جي 376 مان 66 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار ياسمين راشد 19 هزار 823 ووٽ کڻي پهرين ۽ نواز شريف 14 هزار 121 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره تورغر جي 550 مان 50 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب نواز شريف 16 هزار 231 ووٽ کڻي پهرين ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار شهزاد محمد غضنفر خان 12 هزار 210 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.  پي ٽي آءِ جو گوهر خان، لطيف کوسا، رضا حيات هراج  ، علي امين گنڊا پور اڳتي هئا. اليڪشن ڪميشن جو اي ايم ايس سسٽم بيڪار ٿي ويو، نتيجن جو سلسلو بند ٿي ويو. اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) عام چونڊن جي محفوظ انعقاد لاءِ معطل ڪيل موبائل سروس بحال نه ٿيڻ سبب بيڪار بڻجي ويو. موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس نه هجڻ سبب پرزائيڊنگ آفيسر ريٽرننگ آفيسرن کي وقت تي فارم 45 فراهم نه ڪري سگهيا. نوازشريف نتيجا وڏي اسڪرين تي ڏسڻ لاءِ ماڊل ٽائون پهتو. جڏهن ته ريٽرننگ آفيسر پنهنجي آفيسن ۾ فارم 45 جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڊي آر او آفيس ۾ نتيجن لاءِ لڳل اسڪرين تي به ڪو به نتيجو نه اچي سگهيو. اهڙي طرح ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب ۾ به نتيجا تمام سستي ملي رهيا آهن. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان مان به نتيجن جو انتظار آهي. تحريڪ انصاف ان دير تي ڳڻتي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.  ڄام شوري ۾  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 226 تي پ پ اميدوار ملڪ اسد سڪندر 39860 ووٽ کڻي اڳڀرو رهيو جڏهن ته سندس مخالف ۾ جي ڊي اي اميدوار سيد منير حيدر شاھ 14 هزار 200 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي ۽ پي ٽي آئي جو آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ عبدالحڪيم چانڊيو 3490 ٻئي نمبر تي رهيو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 77 سيوهڻ ڄامشورو هڪ تي پ پ اميدوار سنڌ اسيمبلي جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آيل نتيجن موجب 27443 وٽ پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار روشن علي ٻرڙو 3620 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي تڪ 78 ڪوٽڙي مانجھند ڄامشورو 2 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو 12852 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي ۽ جي اي اميدوار سيد منير حيدر شاھ 8 هزار ووٽ ٻئي نمبر تي رهيو.  هوڏانهن عام چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو سلسلو اڃا ختم ئي ناهي ٿيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ وڪيل بئريسٽر علي ظفر پنهنجي پارٽي جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر علي ظفر چيو ته عوام جو مينڊيٽ کٽي ويو، ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ ٺاهيندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي دعويٰ ڪئي آهي ته اسان سنڌ مان تقريبن 40 صوبائي سيٽون کٽينداسين. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته اڄوڪن نتيجن سان خبر پئي ٿي ته گذريل چونڊن ۾ ڪيترو ظلم ٿيو، اسان سنڌ جي شهري علائقن مان لڳ ڀڳ 40 صوبائي سيٽون کٽينداسين، جڏهن ته ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي ته ڪو مقابلو ئي ناهي، رڳو ٻن تي مقابلو آهي.هن چيو ته اسان جي تجويز ڪيل ٽن آئيني ترميمن لاءِ جيڪو تيار هوندو، اسان ان سان گڏ هونداسين.

لاهور:( تجزيو: امتياز عالم) ملڪ ۾  چونڊون بدترين سياسي انجنيئرنگ جي باوجود آزاد ۽ منصفاڻيون هيون. پنجاب ۽ پختون خواهه جي ماڻهن زور زور سان مسلم ليگ ن کي پنجاب ۾ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٻين سڀني  کي شڪست ڏني آهي. پي ٽي آءِ سڀني مشڪلاتن ۽ بدترين قسم جي پري پول پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي مقابلي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. پي ٽي آءِ  اڪثريتي پارٽي طور اڀري رهي آهي جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي آهي. اهي ٻئي پارليامينٽ جي بالادستي کي مضبوط ڪرڻ ۽ آمريت جي نشانن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ هٿ ڇو نٿيون ملائن. ڇو گڏ نه ٿيون ٿين. عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي. ڇا عوام جي مرضي غالب ٿيندي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.