لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چونڊن ۾ مڪمل اڪثريت جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوج سان ڪو مسئلو ناهي رهيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عوام گھرن مان نڪري، ووٽ ڪاسٽ ڪري، ملڪ مان گار گند ۽ بدتميزي جي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪريو. نواز شريف چيو ته انهن ماڻهن اسان جي معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آهي، ملڪ ۾ هڪ پارٽي جي اڪثريتي حڪومت ضروري آهي. ن ليگ جو قائد نواز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ جماعت کي اڪثريت سان ووٽ ملڻ گھرجي، اليڪشن ۾ هڪ جماعت کي مڪمل مينڊيٽ ملڻ گھرجي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مريم نواز بُري وقت ۾ پارٽي لاءِ جدوجهد ڪئي، نتيجا اچڻ بعد وڏي وزير بابت فيصلو ڪيو ويندو.اسان قربانيون ڏئي هتي پهتا آهيون، خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جو نالو نه وٺو.