آصف زرداري، بلاول، نوازشريف،فضل الرحمان،سراج الحق پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو

ڪراچي(م ڊ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف، مريم  نواز ۽ شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 128 لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري اين اي 207 نواب شاهه ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 194 لاڙڪاڻي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته سندس پڦي ۽ پي ايس 36 جي اميدوار ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو نوابشاهه جي ايل بي او ڊي ڪالوني اسڪول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان ۾ ووٽنگ جو قومي فرض ادا ڪيو.ٻئي طرف امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 6 لوئر دير 1 ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي عزيز آباد جي الطاف حسين هالي اسڪول ۾ ووٽنگ جو قومي فرض ادا ڪيو.عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان اين اي 25 چارسده ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي سربراهه جهانگير خان ترين اين اي 155 لوڌران جي پرائمري هيلٿ سينٽر 12 ايم پي آر ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.سينيئر سياستدان فاروق ستار پي آءِ بي ڪالوني، سيد مصطفيٰ ڪمال خيابان شجاعت ڊي ايڇ اي اسڪول ۽ آسيا اسحاق آءِ ايم اي اسڪول ماڊل ڪالوني پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجو ووٽ  واهڙ ۾ڪاسٽ ڪيو، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد پراڻي ٿاڻي ملير ۽ سيد خورشيد شاهه اين اي 200 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 202 تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.