پ پ ۽ حمايت يافته آزاد اميدوار بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو پيا ڪن: بلاول

لاڙڪاڻو( م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊ نتيجا ناقابل يقين حد تائين سست رفتاري جو شڪار آهن، پ پ لاءِ شروعاتي نتيجا حوصلائتا آهن، پ پ اميدوار ۽ حمايت يافته آزاد اميدوار بهتر  ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ڏسون ٿا ته آخر ۾ حتمي نتيجا ڇا ٿين ٿا، سڄي ملڪ ۾ موبائل فون سروس بند ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته موبائيل فون تان لينڊ لائن تي به ڪال نٿي اچي سگهي، رڳو وي پي اينز ڪم ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ موبائل فون سروس فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي موبائيل فون جي معطلي بابت اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سان رجوع ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.