تقرير جي تياري باوجود نوازشريف،شهباز اليڪشن سيل مان واپس

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي ۽ بيورو چيف رئيس انصاري چيو ته نتيجا اڄ اچڻ جي اميد هئي پر موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي بندش سبب  رابطا متاثر ٿيا، جنهن کانپوءِ نتيجن جو سلسلو اوچتو بند ٿي ويو، جيڪو پاس اليڪشن ڪميشن اسان کي جاري ڪيو. ان مطابق آر او کان نتيجا ملندا.هن چيو ته اسان جا وسيلا چئي رهيا آهن ته ڪنهن به پاسي کان نتيجا نه نڪرندا، پر ان وقت سمورا نتيجا مڪمل ڪري اليڪشن ڪميشن کي ڏينداسين، اين اي 127 جي آر او چيو ته نتيجا موڪليا ويا آهن،اليڪشن ڪميشن کان معلوم ڪيو هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ سڀ کان وڏو اليڪشن سيل مسلم ليگ ن ٺاهيو هو جتي نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز به موجود هئا، تقرير جي به تياري هئي پر اهي به واپس هليا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.